ڀت جي وٿين مان نڪتل پنا … وڻ تان پکيءَ وانگر وقت اڏامي ويو … آدرش

                 مان گهڻو ڪري پنهنجي عمر کان وڏن, بزرگن, نوي سالن جي عمر وارن جھونن کان ھڪ سوال پڇندو آهيان: “سائين! اسان جي ملڪ جو بادشاه ڪھڙو ڀلو ھو؟”

جواب ملندو آهي: “صدر ايوب!”

پنهنجي سانڀر ۾ مون ان جو وقت ڏٺو.

                 لکي در تي فيض علي شاه گھٽيءَ ۾ وائين شاپ ھو، جنهن کي شراب جو گتو چوندا ھئا. ننڍڙي دڪان ۾ ڪاٺ جو ٺاھوڪو اڌ گول ڪائونٽر  ٺھيل ھوندو ھو. ان جي مٿان گل ٺھيل ھوبدا ھئا. پريان سٺي پوشاڪ پھريل ڪلال ويٺو ھوندو ھو. ھر قسم جي شراب کان سواءِ فقير فقراء لاء چرس، ڀنگ ۽ آفيم به، ھٽ تان عام شين وانگر ملندو ھو.

اچو پياڪو!

جام وٺي جھومندا وڃو.

                 شھر جي پر ٻاھران ٽرڪ اڏي جي ھڪ ڪنڊ ۾ سدا سھاڳڻين جون ڪوٺيون ھڪ ٻئي جي آمھون سامهون، سندن زندگيء وانگر اڌ اونداھيون ٺھيل ھونديون ھيون. شھر ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن جا جوان اچي، چار ڏوڪڙ ڏئي، پنهنجي ڀريل پيٽ کان ھيٺان واري باهہ وسائي ويندا ھئا. نه ڪا جھل نه پل، ھر ڪو اچي پسي.

گھٽيءَ جي پڇاڙيءَ وٽ ھنن جي پر گھور لھندڙ، پنهنجو وارو وڄائي ويندڙ، ٿولھ ۾ ورتل، پڪي وھيء جي، رنگ جي ڪار سري, ھڪ واڻ سان واڻيل موڪري کٽوليءَ تي ويٺي، حقو ڇڪيندي, ايندڙ ويندڙ کي اک ۾ رکندي ھئي. نالو ھيس مني. گڻ واري ھئي.

ڪو جوان اچي، ھٿ سان اشارو ڪري سڏ ڪريس. اھو اچي ته ڌيرج سان ۽ پيار مان سمجهائيس: “پٽ! جوان مڙس آھين. جوانيءَ جو جوش اٿئي. تون ڀلي ايندو ڪر پر مھيني ماسي. روز نه ھرجانء. چوس پيئي ته تباه ٿي ويندين.”

قانون جي بالادستي. صفائي به  اھڙي جو گھٽيون روڊ رستا اصل صفا شيشو. گهرن جا ڏاڪا ناليءَ مٿان نه. ڪنهن آڍڙي ٻڍڙي کي لھندي تڪليف ٿئي ته ميونسپل اختياريءَ کي درخواست ڏني ويندي ھئي ته منهنجو ڪراڙو ڏاڏو مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويندو آهي، لھڻ چڙھڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئيس، سو ھڪ ڏاڪو ٺاھڻ جي اجازت ڏيڻ فرمائيندا. درخواست تي ٻن پاڙيسرين جي صحي ھوندي ھئي، جيڪي لکي ڏيندا ھئا ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي.

ڏاڪي جي منظوري ڏيڻ کان پوء ان جو آرڊر نڪرندو ھوـ ان تي لکيل ھوندو ھو: “ھر مھيني ٽي آنا ڪرايو لاڳو ڪجي ٿو، جيڪو پھرين تاريخ اسان جو منشي وٺڻ ايندو. ان کي ادا ڪري, رسيد وٺجوس.”

صدر ايوب ذوالفقار علي ڀٽي جي ذھانت ڏسي کيس سياست ۾ آندو. ھن کي پرڏيھي وزير ڪيائين. ڪنهن ڳالھ تي اڻ بڻت ٿين کانپوءِ ڀٽو صاحب ھٿ ڌوئي ڪڍ پيس. جنهن کي پيار مان “ڊيڊي” چوندو ھو، ان کي “ايوب ڪتو” جو لقب ڏئي ترا ڪڍيائينس. ايوب ڪا ٻڙڪ نه ٻولي. نفس ۽ غيرت وارو ھو. ماٺ ميٺ ۾ عھدي جي پوشاڪ لاھي, آفيس جي ڪليء ۾ ٽنگي، پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ريحانا واري اباڻي گهر ھليو ويو.

ڀٽو صاحب ھڪ ذھين ۽ انٽليڪچوئل حڪمران ھو. پڙهڻ جو ڪوڏيو ته ليکڪ به سٺو. ھن جا انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “نالي ماتر آزادي”، “عظيم سانحو”، “جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو” سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيا آهن.

ھر ماڻهو خوبين جي کاڻ سان گڏ، خامين جو ڀاڻ به ٿيندو آهي. ڀٽو صاحب ھڪ ته ڪنن جو ڪچو, ڊڄڻو ۽ مخالف جو سخت دشمن ھو. ڪنهن سندس مٿان جان فدا ڪندڙ ۽ وفادار ڪارڪن لاء ڪن ۾ ڪوڙ بدوڙ ھڻي, ڦسڪو ڪيس، ڪا جاچ نه  ڪندو، ان گھڙيءَ ڌڪي ڌار ڪندس. سياسي مخالفن سان ڪيس ڪندو ھو. لاڙڪاڻي جي مخالف شيخن سان عقوبتون ڪيائين. مولوي صاحبان جي مطالبن ڪرڻ سان, اقتدار وڃڻ جي ڊپ ۾، ڊڄي ويو ۽ ھڪ ڌڪ ۾ گتا، ڳاڙھيون بازارون، ڪلبون, سٺا سنڌي رسالا بند ڪيائين. انيڪ سنڌي ڪتابن تي پابندي ھنيائين

وقت وڻ تي ويٺل پکي وانگر  اڏامي ويو. ڳالهيون رھجي ويون.

وقت سان گڏ پکي اڏامي ويا

وڻ به وڍجي ويا !