سڌريل ملڪن جي ريل ۾ يا بس ۾ ويٺل مسافرن جي ھٿن ۾ گلن وانگر جھليل، ھر ڪنهن وٽ ڪتاب ھوندو ته ڪنهن وٽ رسالو يا وري اخبار ضرور ھوندي. موبائيل ھوندي به ان ۾ پنهنجي ڌنڌي يا آفيس جي اي. ميل ذريعي لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ رڌل ھوندا. ڪو ھٿين خالي نکمڻو ويٺو ھوندو، اجايو لڳندو. اسان وٽ سڄي ريل ۾ مسافرن کي ڪو توهان اسان پارو ھڪ ماڻهو ڪتاب پڙھندي نظر آيو ته ھڪ ٻئي کي ميچون ڏيندي مرڪندا ۽ خشڪ سمجھندا.
موبائيل اسان جي سماج کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيو آهي. فيس بڪ تي فضول پوسٽون، نرگسيت جو ايڏو شڪار جو چڱا ڀلا شاعر اديب ۽ ليکڪ ھر روز ٺونٺ جيڏو فوٽو ٿا رکن. شاعري وري اھڙي جو واھ واھ ۽ ٿڌا ساھ ڀرڻ بدران ساھ ٿو نڪري. اتي به ست اٺ ساڳيا شاعر پاڻ ۾ جڙيل ۽ بنا پڙهڻ جي ھڪ ٻئي کي ڪمينٽ ۾ “واھ واھ”، “زبردست پيارا” ۽ “تخيل جي پرواز” لکندا. وري نه ڪا جوان شاعرا ڪو گيت غزل رکي … پوء ته مڙسالو آنڌي اور طوفان بڻجي اچي ڪمينٽ لکندا.
شڪارپور جي ھڪ شاعر ڪتاب ڇپرايو. مون کان پڇيائين:
“مھورت ڪرايان. فلاڻي ايندي؟”
مرڪندي چيو مانس: “من! تو کي اھا وڻندي آهي يا ان جي شاعري؟” سچ اھو آهي ته فيس بڪ اسان جي ھٿن مان بڪ کسي ڇڏيو آهي.
مان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ رھندڙ پنهنجي دل گھرين ۽ قلم ڪارن کي فون ڪريان ته اھو ضرور پڇان: ادا ! اڄ ڪالھ ڇا پيا پڙھو؟ سڀ نه پڙهڻ جا پنهنجا پنهنجا عذر ٻڌئيندا. ڪو وقت نه ھجڻ جو بھانو ٻڌائيندو، جڏهن ته مون کي ان جي خبر ھوندي آهي ته چوويھ ڪلاڪ واندو آهي ۽ ڪنهن ھوٽل تي ويٺو ھوندو يا گهر جي ڪمري ۾ فيس بڪ ۾ وقت وڃائيندو ھوندو.
اسان جي سنڌي ادب جو حال به پورو سارو آهي ۽ ان جو مک ڪارڻ ڪتاب نه پڙهڻ ۽ مشاھدي جي نظر ڪمزور آهي ۽ ڪتابن ۾ به ڄڻ پلاسٽڪ جون خالي ٿيلھيون ڀريل.
امريڪن ليکڪ ھيرالڊ رابنسن ڪو ادبي لکاري نه ھو پر تفريحي ڪمرشل ۽ جاسوسي ناول لکندو ھو. ھن جي لکڻ جي اڻت اھڙي جو ھڻ کڻ. ماڻهو پڙهڻ شروع ڪري ته ماني کائڻ وسري وڃيس. ٻن ٽن سون صفحن جو ناول جيسين پورو نه ڪري، تيسين ساھ نه پٽي. لکن ۾ ڇپجي ۽ ھٿؤن ھٿ وڪامجي وڃي. وري جي ان تي فلم ٺھي ته ليکڪ جا پئون ٻارھن. ھن جو ھڪ مشهور ناول “ايڊونچرس” اردوءَ ۾ ترجمو ٿي ماھوار الف ليلىٰ ڊائجسٽ ۾ ڇپيو ھو. آمريڪن صدر جمي ڪارٽر ھن جي ناولن جو وڏو مداح ھو. جمي ڪارٽر صدر ھوندي پنهنجي محبوب ليکڪ ھيرالڊ رابنس کان ملڻ لاءِ وقت گھرندو ھو ته ڪا قرب واري ڪچھري ڪريون.
14 آڪٽوبر 1997ع تي سيء ھجي. ھيرالڊ رابنس رات جو ماني کائڻ کان پوءِ چاڪليٽ ڪافيءَ جا ڍڪ ڀريندي، پنهنجو نئون ناول ٽائيپ رائيٽر تي ٽائيپ ڪندي لکي رھيو ھو. لکندي لکندي سندس آڱريون ڄمي ويون.ڪنڌ ٽائيپ رائيٽر مٿان رکي سمھي پيو. زندگي پوري ٿي ويس، ناول اڻ پورو رھجي ويو!
اسان جي ملڪ ۾ اردو جاسوسي ناول نويس ابن صفيءَ جو پنهنجي وقت ۾ وڏو ڌاڪو ھو. عمران سيريز- جو مھيني جي پھرين تاريخن تي ايندو ھو، ٻڙڌڪ مچي ويندو ھو. سسپينس ڊائجسٽ ۾ محي الدين نواب جو قسط وار “ديوتا” ڇپبو ھو. ايڏو انتظار جو ڇا ڳالھ ڪجي! اھو سلسلو لڳ ڀڳ چاليھ سال ھليو ۽ اردو جو ڊگھو ناول آهي .
شڪيل عادل زاده جو نالو سون ۾ لکڻ جھڙو. پنهنجي ادارت ۾ ڪڍندڙ ماھوار “سب رنگ ڊائجسٽ” کي اڀ تي پڄايائين. ملڪ جو اھو واحد رسالو ھو، جنهن جي ڇپجڻ جو انگ ڏيڍ لک تي پڳو ھو. شڪيل تخليقي ذھن جو مالڪ ھو. ھن سلسلي وار عجب ڪھاڻيون لکيون پر “بازي گر” بازي کٽي وئي. ان جا لازوال ڪردار زمان ۽ مٺل ڪير وساري! ڇوڪري ڪورا جو ڪردار اھڙو چٽيائين، جو پڙھندڙ اڻ ڏٺيء تي عاشق.
سنڌي ادب به ڪمال ھو! شيخ اياز، امر جليل، آغا سليم، الطاف شيخ، نجم عباسي، ماھتاب محبوب، مدد علي سنڌي، عبدالواحد آريسر، نسيم احمد کرل وڏا سگھارا سرجڻھار. ڪتاب ڇپجي گهر گهر وڃي. ھڪ ڪتاب ويھ پڙھن.
رسالن جو پنهنجو اوج. “سھڻي”، “سوجھرو”، “انڊلٺ ڊائجسٽ”، “ملير ڊائجسٽ”، “برسات”، “مھراڻ”، “نئين زندگي”، “رھبر ڊائجسٽ”، “سنڌي ڊائجسٽ”، “تحريڪ” “اڳتي قدم”، “ڪلاڪار”، “نئين دنيا” ۽ ٻيا کوڙ سٺا ڪتابي سلسلا ڇپبا ھئا. کوڙ سٺن رسالن کي ڀٽي صاحب ھروڀرو ڪنن ڪچو ٿي، فحاشيء جو ٺپو ھڻي بند ڪري ڇڏيو. سنڌي ادب کي اسپيڊ بريڪر ھڻي ڇڏيو. ھاڻي ته زوال آهي.
اڳي ڪتابن جي ڇپجڻ جو انگ ھزار ھوندو ھو ۽ ٻيو ايڊيشن به ڇپبو ھو. پبلشر وڏا ڄاڻو ۽ معتبر۔ ڪتاب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پاڻ ڇپيندا ھئا. ليکڪ جا حق واسطا محفوظ ھوندا ھئا. سٺا ۽ سگھارا ڪتاب شايع ٿيندا ھئا۔ ھاڻي ھديرو ئي گل آهي. ليکڪ به الائي ڇا ٿا لکن! پبلشر به ڏوڪڙن پويان. مسودي ۾ گاريون لکلان ھجن به ڪا ڳالھ ناهي. ڪاپيون ٽي سئو۔ سي به ڇپجڻ کان پوء ليکڪ جي ڪلھن تي. پاڻ پنڌ۔ فيس بڪ تي ڪتاب ڇپجڻ جو اعلان ڪندو وتندو. در در وڃي ھٿ ٻڌي اعزازي ڪاپيون ڏئي ايندو. اھي سدورا اديب وري ڪتاب ته ڇا، انتساب به ڪو نه پڙھندس.