ڀت جي وٿين مان نڪتل پنا … ڪتاب جو مھورت پڙھندڙ ڪندو آهي … آدرش

                 دنيا جا ليکڪ گهڻو پڙھندا، لکندا ٿورو آهن. سندن مشاھدي جي اک به صفا ڪئميرا. ناول لکندا به ورجائي پنج ست ڀيرا لکندا. ليو ليوٽالسٽاء پنهنجو   شاھڪار ناول “جنگ ۽ امن” ست ڀيرا ورجائي لکيو ھو.

                  اسان  ھڪ دفعو پڙهي نه ٿا سگھون! اسان جي مڙني ھڙني ليکڪن وٽ انگريزيءَ يا اردوءَ ۾ ضرور پيو ھوندو. مان سمجھان ٿو ھڪ ٻن پڙھيو ھوندو، باقي گھڻن جي گهر جي المارين ۾ رکيل ان ناول ۾ اڏوھي باغ جي سير ڪرڻ وانگر گھمندي ھوندي.

                 ھيمنگوي ڇھ ڀيرا، گارشيا مارڪيز پنج ڀيرا ته جاسوسي ناول سرجيندڙ به ٽي ڀيرا ورجائي لکندا آهن. انهن ليکڪن جي ناولن جا صفحا به چڱا خاصا سئو ٻه به ڪونه. وري پڙھو ته ھڪ ٻئي دنيا ۾ گم ٿي وڃو. انهن وٽ محنت “ڪوٽ ڪوٽ ڪي” ڀريل. اسان وري اھڙا وات ۾ ٻير به ٻيو ڪو اچي وجھي. سنڌيءَ ۾ ڪو به ناول پنجن ڇھن سئو صفحن جو ڪونه لکيو ويو آهي. مون کي  وڌ ۾ وڌ گھڻن صفحن جو ناول غلام نبي مغل جو “اوڙاھ” سجھي ٿو. ٻيا ناول وڌ ۾ ڏيڍ سئو يا اھڙو اھڙو ٻه اڍائي سئو صفحن جا.

سٺي ناول جي پرک صفحا به ناھن. اسان وٽ ٿورن صفحن ۾ سٺا ناول به لکيا ويا آهن. نالا ڪونه لکبا جو ڪو ھڪ اڌ رھجي ويو ته اديب سڳورا منهنجي لاء لٺ کڻي اڀا ٿي ويندا.

عالمي ادب سان پنهنجي ادب جي ڀيٽ ڪرڻ به اجائي! اسان ڪونه پڄي سگھنداسون. ڪنهن ھڪ ناول جو نالو ٻڌايو، جنهن کي “برادرس ڪرامازوف” سان برميچي سگھجي!

اسان ته اردو ادب کان به گهڻو پوئتي آھيون. قرت العين حيدر، عبد الله حسين،  شمس الرحمن  فاروقي، عاصم بٽ، علي اڪبر ناطق، رفاقت حيات، رحمان عباس جي ناولن جھڙا ته ڇا، نسيم حجازيءَ جي تاريخي ناولن، رضيا بٽ، عميرا احمد جھڙن رومانوي سماجي ناولن يا ابن صفيءَ جھڙو ڪو ھڪ اڌ جاسوسي ناول نه لکي سگھيا آهيون. اڀ ڦاڙ رڙيون وري جعفر واريون “بگهڙ  ڙي بگهڙ” اھڙيون جو ڇرڪ نڪري وڃي. وري ڳوٺ وارا لٺيون کڻي اچن. بگهڙ لھ ئي ڪونه!

“منهنجو ناول اردو، انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کان پوء عربيءَ ۾ ترجمو ٿئي ڀيو. فرانس ۾ ڇپبو”. پڙھندا وري روس وارا…! ترجمو ڀلي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ٿئي، سوال اھو آهي ته سنڌيءَ ۾ گھڻن پڙھيو آهي؟

حال اھو آهي _ يقين ڪريو، ڇپجڻ کان پوء ناول نويس پنهنجو ناول پاڻ پڙھن ته ڪونه، ڏسن به ڪونه ٿا ته ڪا سٽ ته نه رھجي وئي آهي يا صورتخطيءَ جون غلطيون گھڻيون آهن.

فيس بڪ تي شاھڪار ناول جا رڳو خالي ٺڪاءُ. ڪنهن ويجهو رھندڙ ڪو تعريف ۾ ڪمينٽ  لکيس ته اھا پوسٽ الڳ فلم جي بورڊ وانگر ٽنگيندو. ناول وري اھڙو جو فلمن واري سنھري دؤر ۾ , فلم جي بور گاني ھلڻ وقت، ماڻهو  سينيما ھال مان نڪري پيشاب ڪرڻ لاء ويندا ھئا. پڙھندڙ ناول ميز تي رکي، پاڻ سڌو گھنٽا گهر وڃي گٽڪا وٺي ٿو کائي.

مھورتي پروگرام يا ڪتاب تي اڀياسي سٺي ڳالھ پر اسان وٽ بڇڙو حال! پروگرام ڪرايو ويندو. صدارت وري وي. سي يا ڪو ڊي. سي, جنهن زندگيءَ ۾ ڪو ناول ته ڇا ڪا پوري ڪھاڻي به نه پڙھي ھوندي.

صدر سان اسٽيج تي وري اٺن جي قطار وانگر اٺ خاص مھمان. ڪتاب تي ھيٺ ويٺلن مان اڌ کان مٿي اسٽيج تي اچي گوھر افشاني ڪندا. گھڻن جو ناول جو ته ڇا  انتساب به ڪونه پڙھيل.

سڀ اچي ليکڪ جي ڪوڙي ثنا اھڙي ڪندا، جو ٻڌندڙ شرم ۾ ٻڏي ويندا. ڪرسين تي لڏي ويندا. ٽي چار ڪلاڪ اجاين ڳالهين ۾ چٽ. پوءِ ماڻهو ڇو اچن؟ گهر ۾ ويھي ڪو سٺو ڪتاب ڇو نه پڙھن يا سٺي فلم ڏسن.

ڪجھ سال اڳ سٺن دوستن خليل مورياڻي, زبير سومرو، صلاح الدين اوستو ۽ سجاد مھر وغيره جي مھربانيءَ سان منهنجن نظمن جو ڪتاب

“بارش ۾ وسارڻ جون ڳالهيون” ڇپيو. ڪچا ڦڪا يا سٺا جيڪي به نظم آهن،

سي مون کي، ماءُ کي پنهنجي اولاد وانگر عزيز آهن. سنگت ساٿ ڪتاب تي مھورتي پروگرام لاء چيو. مون کين ھٿ ٻڌي،  پيرين پئي سندن ٿورا مڃيا. پروگرام کان انڪار ڪندي مون کين ڪنڌ ھيٺ ڪري نياز نوڙت سان چيو: “من! اول ته مون کان اسٽيج تي ويھڻ ڪونه پڄي. پاڻ کي جنگي قيدي سمجھندو آهيان.

وري دوستن کي ميڙ منٿ ڪريان, منهنجي شاعريء تي پرمغز مضمون لکو. دل تي پٿر رکي ڪوڙ لکن. وري ڪنهن تنقيد لکي ته ماءُ وانگر ھانء سڙندو ته منهنجي سھڻن ٻچڙن کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ وارا ٿيندا ڪير آهن. توهان سنگتين جا اڻ ڳڻيا احسان. ڪتاب جو مھورت پڙھندڙ ڪندو آهي.

 وڻيس ته پاڻ ھرتو ڪو مضمون لکي، ڪنهن رسالي ۾ ڇپائيندو.

نه وڻيس

ھن ڏي خير،

توهان ڏي خير،

مون ڏي به خير

جاڏي تاڏي خير…!