| ڀت سان نه لڳايو، جيڪڏهن اسان کي جيئڻ نه ڏنو ته توهان به جيئرا نه رهندا: اسد قيصر |
صوابي (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي ڀت سان نه لڳايو وڃي، اسان کي جيئڻ نه ڏيندئو ته توهان کي به جيئڻ نه ڏينداسين. صوابي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات اسان جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، اسان کي ڀت سان نه لڳايو وڃي، جيڪڏهن اسان کي جيئڻ نه ڏيندئو ته توهان کي به جيئڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته خيبر پختونخواهه سدائين دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، اسان افغان جنگ ۾ گهڻو نقصان کنيو ۽ هاڻ به کڻي رهيا آهيون پر افسوس ته وفاق ڪڏهن اسان جي قربانين کي تسليم نه ڪيو، وفاق سدائين اسان جي صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن افغانستان ۽ پاڪستان سمجهن ٿا ته هڪٻئي جي بنا گذارو ڪري سگهن ٿا ته اها ٻنهي ملڪن جي غلط فهمي آهي، اسان کي پنهنجا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجن. ٻئي طرف عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ڀارتي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي جيڪڏهن عمران خان کي قتل ڪيو ويو ته پوءِ هي حڪمران به بچي نه سگهندا. هنن جا ٻار ٻچا، سينيٽ جا ميمبر به مارجي ويندا. سڄي دنيا ۾ جتي به ويندا اتي پاڪستاني موجود آهن انهن کي ماريو ويندو.