| ڀرياروڊ جي گم ٿيل نوجوان کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف |
ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياروڊ ڀرسان 3 ڏينهن اڳ پرسرار طور گم ٿيل نوجوان خدابخش پٽ شاهه نور بروهي کي ڏيتي ليتي جي بنياد تي نصرت ڪئنال ۾ اڇلائي قتل ڪيو ويو آهي، اهڙو الزام گم ٿيل نوجوان جي چاچي رحيم بخش بروهي هڻندي چيو ته خدابخش بروهي جا اختر ڏانهن پئسا رهيل هئا، پئسا گهرڻ ويل خدا بخش کي نصرت ڪينال ۾ لوڙهيو ويو آهي، پوليس موجب گم ٿيل نوجوان جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي هئي، گرفتار ٿيل اختر پٽ بشير بروهي کيس مارڻ جو اعتراف ڪيو آهي