ڀرياروڊ: هٿياربندن جو گهر تي حملو: رٽائرڊ فوجي قتل

ڀرياروڊ: هٿياربندن جو گهر تي حملو: رٽائرڊ فوجي قتل

ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياروڊ ڀرسان هٿياربندن جو گهر تي حملو، رٽائرڊ فوجي قتل، ان ڏس ۾  ڀرياروڊ جي الرحيم ڪالوني  ۾ هٿيار بند اڪيلو رهندڙ رٽائر فوجي عبدالڪريم اڄڻ جي گهر ۾ داخل ٿي تشدد بعد  سرون ۽ ڇريون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا،علائقي واسين موجب رٽائر  فوجي گهر ۾ اڪيلو رهندو هو، پوليس موجب واقعو دشمني لڳي پيو، وڌيڪ جاچ ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو.