ڀرياروڊ واسي ٻه نينگر پراسرار نموني گم

جُولاءِ 1, 2025

ڀرياروڊ ( پنهنجي ڊيسڪ )ڀريا روڊ مان 2 نينگر پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن، وارث ڳولا ڪري ٿڪجي پيا، پر ڪٿي به نينگرن جو ڏس پتو نه ملي سگهيوآهي، ڀرياروڊ جي وارڊ نمبر 7 ريتي پاڙي جي رھواسي  12 سالن جو عمير علي ۽ 8 سالن جو شان علي پنجن ڏينهن کان پراسرار نموني  گم ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ گم ٿيل نينگرن جي وارثن سجاد علي راجپوت ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  نينگر عمير علي ۽ شان علي پنج ڏينهن اڳ گھرمان نڪري ويا هئا، جيڪي اڄ تائين واپس ناهن آيا، ھنن چيو ته اسان نينگرن جي ڳولا لاءِ آس پاس جي علائقن سميت مٽن مائٽن ۾ ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿي به ڏس پتو ناھي ملي سگھيو، جنهن سبب اسان سخت پريشان آھيون،گم ٿيل نينگرن جي وارثن  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين کان نينگرن جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو

  • ناري سان وڏي عرصي تائين اجتماعي لڄالٽ