ڀرياسٽي:سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي

مَي 15, 2023

ڀرياسٽي( ن پ ا) ڀرياسٽي ويجهو  ڳوٺ محمد رمضان بروهي ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سنڱاوتي تڪرار تان جھيڙو  لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻن عورتن سميت 11 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جن کي ڀرياسٽي اسپتال منتقل داخل ڪرايو ويو زخمين ۾ زليخان، نواب بروهي، سڪندر بروهي. تراب بروهي،رحيم بخش، شير محمد، گلشير بروھي، صدام  ممتاز، غلام علي، ڪريم بخش ۽ ٻيا شامل آهن جاويد بروهي ۽ گل محمد بروھي ميڊيا کي ٻڌايو ته سڪندر بروهي وارن کان سئوٽ لاءِ سنڱ ورتو جنهن جا پيسا به ادا ڪيا هاڻي سڱ نه پيو ڏنو وڃي، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي

Leave A Comment