ڀرياسٽي : اڌڙوٽ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ
جُون 27, 2025
ڀرياسٽي ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڀرياسٽي ڀرسان اڌڙوٽ شخص جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش هٿ،ڳوٺ اگڻايو ڌوئنرو ۾ لکاڏنو ڌوئنرو جو گهر مان ڦاهو لڳل لاش مليو، پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي آپگهات ڪندڙجو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، ان موقعي تي آپگهات ڪندڙ پورهيت جي ڀاءُ سليمان ڌوئنرو جو چوڻ هو ته ڀاءُ مزدوري نه ملڻ ۽ غربت سبب ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو آهي