ڀرياسٽي: بااثرن جو چوري الزام ۾ نوجوان کي وڻ سان ٻڌي تشدد، چَٺِ ۾ پاڻي پياري تذليل
آڪٽوبر 9, 2024
نوشهروفيروز/ڀريا سٽي/ٺارو شاهه (نمائندن وٽان) ڀريا سٽي ويجهو بااثر وڏيري پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي، نلڪي جو ڳن چوري ٿيڻ تان وڏيري ۽ سندس پٽن جو يتيم نوجوان کي اوطاق جي وڻ سان ٻڌي وحشياڻو تشدد، ڪتي جي چٺ ۾ پاڻي پياري تذليل، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل، رپورٽ موجب ڳوٺ گل محمد بلر ۾ ڳوٺ جي بااثر وڏيري رمضان بلر ۽ سندس پٽن ساجد بلر، صفيل بلر ۽ جاويد بلر نلڪي جو ڳن چورائڻ جي الزام ۾ نوجوان نسيم لوھاچ کي اوطاق تي کڻي اچي وڻ سان ٻڌي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو
جڏهن ته ڪتن جي پاڻي پيئڻ واري پاٽوڙي ۾ کيس پاڻي پياريندا رهيا، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان ڪتي جي چٺ ۾ پاڻي پياريو پيو وڃي، جڏهن ته اوطاق ۾ موود ڪيترائي ڳوٺاڻا نوجوان جي تشدد ۽ تذليل جو تماشو ڏسندا رھيا، هوڏانهن ايس ايس پي نوشهروفيروز جو چوڻ آھي ته وڊيو پراڻي آھي پر ان باوجود قانون حرڪت ۾ آيو آهي، ڇو ته نوجوان نسيم لوھاچ تي تشدد ۽ تذليل وارو عمل غير قانوني آھي، ھن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
پوليس جو ڇاپو: بااثر وڏيرو هٿ نه آيو، 3 پٽ گرفتار، ڪيس داخل
ڀريا سٽي: نوجوان کي بااثر وڏيري ۽ سندس پٽن پاران وڻ سان ٻڌي تشدد ۽ تذليل ڪرڻ واري واقعي جو ايس ايس پي نوشهرو فيروز سنگهار ملڪ سخت نوٽيس ورتو، جنهن بعد پوليس تشدد ۾ ملوث وڏيري رمضان بلر، سندس پٽن صفيل بلر، ساجد بلر ۽ جاويد بلر خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، نوشهري فيروز جي مختلف 9 ٿاڻن جي پوليس اٽالن ڳوٺ گل محمد بلر تي چڙ هائي ڪري تشدد ۽ تذليل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڀريا ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بااثر وڏيري رمضان بلر هٿ نه آيو
نوجوان تي تشدد ۽ تذليل معاملي جي جاچ لاءِ ٽيم مقرر
ڀريا سٽي: نوجوان کي وڻ سان ٻڌي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي ڀريا فهد ارشاد مغل جي اڳواڻي ۾ انڪوائري ٽيم جوڙي وئي آهي، جاچ ٽيم جي ميمبرن ۾ ايس ايچ او منير لغاري، ايس ايچ او ٺاروشاهه جميشيد راڻا شامل آهن، جاچ ٽيم کي 7 ڏينهن اندر معاملي جي نڪوائري ڪري رپورٽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نوجوان کي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائڻ غلط عمل آهي: علائقي واسي
ڀريا سٽي: علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بااثر وڏيري ۽ سندس پٽن جي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل نوجوان نسيم نشي جو عادي آهي، جيڪو اڳ به ڳوٺ مان ننڍيون وڏيون چوريون ڪندو رهيو آهي، علائقي واسين موجب وڏيري ۽ سندس پٽن نوجوان کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جيڪو عمل انتهائي غلط آهي، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي