ڀرياسٽي : جوڳين جا 50 گهر خالي ڪرائڻ تان جهيڙو:2 زخمي: ڌرڻو: باهيون: روڊ بلاڪ  

ڀرياسٽي : جوڳين جا 50 گهر خالي ڪرائڻ تان جهيڙو:2 زخمي: ڌرڻو: باهيون: روڊ بلاڪ  

ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو ) ڀرياسٽي جي جوڳي محلا ۾ 50 کان مٿي  گهر خالي ڪرائڻ تان ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي، جهيڙي ۾ غني جوڳي ۽ وقاص جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، هوڏانهن  جوڳي برادري جي سوين مرد عورتن قران پاڪ هٿن ۾ کڻي جوڳي محلا سامهون توڙي مين چوڪ تي ٽائر ساڙي ۽ ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،  ڌرڻي ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين امير علي شاهه شرڪت ڪئي، ان موقعي تي منظور جوڳي، مٺل جوڳي ۽ محراب جوڳي ٻڌايو ته اسان 60 سالن کان جوڳي ڪالوني ۾آباد آهيون، هتي اسان جا 50 کان مٿي گهر آهن، اسان پ پ ايم پي اي سيد  حسن شاهه ۽ سندس  والد  سيد مراد شاهه کي ووٽ ڪندا آهيون، هينئر اڳوڻو ايم پي اي سيد مراد شاهه شاپنگ سينٽر اڏڻ لاءِ اسان کي لڏائڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته اسان در در پني پيٽ گذر ڪندا آهيون، پنهنجا ڪکاوان گهر ڇڏي ڪيڏانهن وڃون؟  هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ گهر خالي نه ڪنداسين، اڳوڻي ٽائون چيئرمين سيد امير شاهه چيو ته مراد شاهه ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي سڄي شهر جي سرڪاري  پراپرٽي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برادشت نه ڪنداسين، ٻئي طرف ڊي ايس پي ڀريا منظور لکي پهچي ڌرڻو ختم ڪرايو. هوڏانهن مراد علي شاهه رابطي تي ٻڌايو ته جوڳي پاڙي جي زمين منهنجي آهي، جنهن جا  اصل ڪاغذ مون وٽ  موجود آهن.