ڀرياسٽي: خوني ٽرالر معصوم گھوٽ کي طهر کان هڪ ڏينهن اڳ چيڀاٽي ڇڏيو:   3زخمي

ڀرياسٽي: خوني ٽرالر معصوم گھوٽ کي طهر کان هڪ ڏينهن اڳ چيڀاٽي ڇڏيو:   3زخمي

ڀرياسٽي(رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀرياسٽي لڳ قومي شاھراھ  تي خوني ٽرالر  موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار سالن جي گھوٽ امام الدين سولنگي دم ڏنو جڏهن ته 3 ڄڻا محمد عثمان سولنگي، فياض سولنگي ۽ اياز سولنگي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو،  ھڪ زخمي عثمان سولنگي کي نازڪ حالت ۾ نوابشاھه ريفر ڪيو ويو، ڳوٺ جمال الدين سولنگي جي رھواسين ٻڌايو ته فوتي ٻالڪ امام الدين جي اڄ طھر جي رسم رکيل ھئي، ان ئي سلسلي سبب گھر ۾ ڀت ھلندڙ ھو،  گھوٽ جا وار ٺھرائڻ لاءِ چاچو ۽ سوٽ موٽرسائيڪل تي قاسم کاھي وڃي رھيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا، ٻئي طرف فوتي گھوٽ نينگر جو لاش گھر  پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، امڙ ۽ گھر ڀاتين کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي ٽرالر سميت گرفتار ڪري ورتو آھي