ڀرياسٽي: نوجوان خلع وٺندڙ ماسترياڻي کي اسڪول ۾ گهڙي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

ڊسمبر 4, 2024

ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀرياسٽي ڀرسان مبينا عشق ۾ ناڪامي تان نوجوان اسڪول ۾ گهڙي ماسترياڻي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي هڻي آپگھات ڪري ڇڏيو، ٻنهي ڄڻن جي شادي ۽ بعد ۾ طلاق ٿيڻ جا چوٻول، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ غلام حيدر آرائين ۾ 25 سالن جي علي حسن آرائين 40 سالن ماسترياڻي ناياب آرائين کي پرائمري اسڪول ۾ گھڙي پسٽل جا فائر ڪيا، جڏهن ته پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب ماسترياڻي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي نوشھروفيروز اسپتال نيو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهي دم ڏئي ڇڏيو، ٻنھي ڄڻن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش اباڻي ڳوٺ پھچائڻ تي ڪھرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

علي حسن ناياب کي دوستي ۽ شادي لاءِ تنگ ڪندو هو: ماسترياڻي جو ڀاءُ

ڀريا سٽي: مقتول عورت ناياب آرائين جي ڀاءُ سجاد آرائين ٻڌايو ته ڀيڻ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ٽيچر ھئي، کيس اسڪول ۾ ڊيوٽي دوران علي حسن آرائين فائرنگ ڪري قتل ڪيو، ھن ٻڌايو ته منھنجي ڀيڻ جي بابر آرائين سان شادي ٿيل ھئي، جنھن مان کيس ٽن پٽن جو اولاد آھي، ناياب چار سال اڳ بابر آرائين کان طلاق ورتي ھئي، ڀيڻ ڀرياسٽي ۾ ڪرائي جي گھر ۾ رھندي ھئي، علي حسن آرائين کيس دوستي ۽ شادي ڪرڻ لاءِ تنگ ڪندو ھو، ھن زبردستي ڪوڙو نڪاح نامو پڻ ٺھرايو ھو ۽ کيس گڏ ھلڻ لا۽ هر وقت هراسان ڪندو رهندو ھو، هن چيو ته اسان اھڙي درخواست ڪورٽ سڳوري ۾ پڻ ڏني هئي، اسان سان ظلم ٿيو آھي، انصاف ڪيو وڃي.

Leave A Comment