| ڀرياسٽي ويجھو مبينا مقابلو، هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ گرفتار |
ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀريا سٽي ٿاڻي حد منگو لنڪ روڊ تي پوليس پاران گشت دوران ڏوهارين سان مبينا مقابلي ۾ ھڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. جوابدار جي سڃاڻپ ڳوٺ فيض محمد راجپر جي رهواسي محمد لقمان راڄپر طور ٿي آهي۔جوابدار وٽان هڪ غيرقانوني پستول ۽ موٽر سائيڪل برآمد ڪئي وئي زخمي جوابدار کي علاج لاءِ ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته جوابدار ڌاڙن جي ٻن الڳ الڳ ڪيسن ۾ روپوش هو وڌيڪ مختلف ٿاڻن تان ڏوھاري رڪارڊ لا۽ رجوع ڪيو آھي وڌيڪ جاچ جاري آھي