ڀرياسٽي ٽائون انتظاميا چلڊرن پارڪ جا قيمتي وڻ وڍرائي وڪرو ڪري ڇڏيا، شهرين کي ڳڻتي
جُولاءِ 29, 2024
ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀرياسٽي ٽائون ڪاميٽي انتظاميا چلڊرن پارڪ جا لکين رپين جي ماليت جا قيمتي وڻ وڍرائي وڪرو ڪري ڇڏيا، خبر موجب ڀرياسٽي ٽائون ڪاميٽي پاران وارڊ هڪ سيد محلي ۾ قائم سيد نور محمد شاهه چلڊرن پبلڪ پارڪ اندر ڪيترن ئي سالن کان لڳل پراڻا ۽ لکين رپين جي ماليت جا قيمتي وڻ مشينون لڳائي وڍرائي ٽريڪٽر ٽراليون ڀري وڪرو ڪري ڇڏيا آھن، وڻ وڍرائڻ تي شھرين ۽ ساڃاھ وندن پاران سخت ڳڻتي ظاھر ڪئي وئي آھي، ان سلسلي ۾ اڳوڻي تعلقه ناظم امير علي شاهه چيو ته ھڪ طرف سنڌ حڪومت ماحولياتي آلودگي کان بچاءَ ۽ ٻارڙن توڙي عوام کي صحتمند سرگرميون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رھي آھي ته ٻئي طرف ٽائون انتظاميا لکين رپين جي ماليت جا قيمتي وڻ وڍرائي ڇڏيا آھن، ھي وڻ سرڪاري ملڪيت آھن، بنا اجازت جي وڪرو نٿا ڪري سگھجن، معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي رابطي تي ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين صغير راجپوت ٻڌايو ته وڻ وڏا ٿي ويا ھئا، چوديواري کي نقصان جو خدشو ھو، ان ڪري وڻ وڍرايا آھن، اتي نوان وڻ لڳايا ويندا، ياد رھي ته پي ايس 34 جو ايم پي اي حسن علي شاهه ڪجھه ڏينھن اڳ ماحوليات بابت انوائرنمينٽ اينڊ ڪلائيميٽ چينج جو پارليماني سيڪريٽري پڻ چونڊيو آھي ۽ سندس ڀاءُ سيد نور محمد شاهه ٽائون ڪاميٽي ڀرياسٽي جو چيئرمين آھي.