| ڀرياسٽي ڪوچ کي اوچتو باھه : مسافرشيشا ٽوڙي ٻاهر نڪتا |
ڀرياسٽي ( ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ تاج هوٽل وٽ باءِ پاس تي مسافر ڪوچ کي اوچتو باھ لڳي وئي، جنهن سبب مسافرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، سمورا مسافر معجزانا طور تي محفوظ رھيا، جڏهن ته ڪوچ مڪمل سڙي رک ٿي وئي، پوليس موجب ڪوچ ڪراچي کان پنجاب وڃي رھي هئي، باهه سبب مسافرن شيشا ٽوڙي ٽپ ڏئي جانيون بچايون، باهه سبب مسافرن جو ڪوچ ۾ پيل سامان به سڙي ويو