ڀرياسٽي ۽ آسپاس رولو ڪتن جو آزار، 35 کان وڌيڪ ماڻهو ڏاڙهجي ويا، ويڪسين اڻلڀ

ڊسمبر 16, 2024

ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀرياسٽي ۽ آسپاس رولو ڪتن جو آزار، 35 کان وڌيڪ ڄڻا ڏاڙهجي زخمي، ويڪسين اڻلڀ، ٻارن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو، خبر موجب ڀرياسٽي ۽ آسپاس رولو ڪتن 35 کان وڌيڪ ماڻھن کي ڏاڙھي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، علائقي جي مختلف اسپتالن مان مليل ڄاڻ موجب رولو ڪتن جي ڏاڙھيلن ۾ رضوان علي، شمن ڪلھوڙو، وڪيل احمد، تحسين، عاقب علي، علي رضا، فھد، محمد عثمان، مسمات شمع، حانيه، قطب، علي نواز ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي ڀرياسٽي، ڀريا روڊ، ڪنڍا کاھي ۽ دالي جي اسپتالن ۾ آندو ويو جتي ويڪسين موجود نه هجڻ سبب کين نوشھروفيروز اسپتال نيو ويو جتي ويڪسين ڪرائي وئي، رولو ڪتن جي آزار سبب معصوم ٻارڙا اسڪول نٿا وڃي سگھن، جڏھن ته عورتون پڻ رولو ڪتن جي خوف کان گھرن تائين محدود بڻجي ويون آھي، علائقي واسين ڪتا مار مهم هلائڻ جي گهر ڪئي آهي.

Leave A Comment