ڀريا: ايم پي اي حسن شاهه ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم ۾ دنگل: مامرو احتجاج تي پهتو

ڀريا: ايم پي اي حسن شاهه ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم ۾ دنگل: مامرو احتجاج تي پهتو

ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياسٽي جي پ پ  ايم پي اي سيد حسن علي شاهه ۽ سندس سوٽ ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم سيد امير علي شاهه ۾ دنگل: مامرو عدالتن کانپوءِ روڊن تي احتجاج تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ پ پ ايم پي اي سيد حسن علي شاه پنھنجي بنگلي تي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجو سؤٽ سيد امير علي شاهه اسان خلاف بنا سبب پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي، پاڻ به پ پ جو حصو هوندي به پارٽي پاليسين خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، هن اڳ ۾ اسان جي زمين تي ويٺل  جوڳي برادري جي ماڻهن کي اسان خلاف ڀڙڪائي احتجاج  ڪرايا، هاڻ وري سول سوسائٽي ڀريا کان پڪاچانگ روڊ رٿا بابت بنا سبب ريلي جو اعلان ڪيو آهي، انهي پويان به سيد امير شاهه جو هٿ آهي، هن چيو ته 40سالن کان تباهه ٿيل روڊ ٻه حصن ۾ ٺهي رهيو آهي، اڌ حصو مڪمل ٿي چڪو آهي، باقي ڪم ايندڙ ٽن هفتن ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي، هن چيو ته ڀريا اسپتال جي اپگريڊيشن منظور ٿي چڪي آهي، پوءِ به بنا سبب واويلا ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته  اسانجو سئوٽ سيد امير شاهه هاڻي اسان سان گڏ ناهي، انهي  ڪري هو والد سيد مراد علي شاهه ۽ مون کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي اڳوڻي تعلقي ناظم سيد امير علي شاھ چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ڪم ڪرڻ جا الزام اجايا آھن، باقي  جوڳي برادري جتي ويٺل آھي، ان ۾ ھڪ ايڪڙ 28 ويسا زمين سرڪار جي آھي، اسان  اھڙو رڪارڊ ڪورٽ کي مھيا ڪيو آھي، ھن چيو ته منھنجو روڊ واري احتجاج سان ڪو به تعلق ناھي،