| ڀريا: اڳوڻي تعلقي ناظم امير شاھه ۽ اڳوڻي ايم پي اي مراد شاهه ۾دنگل : مامرو ڪورٽ پهتو |
ڀرياسٽي (رپورٽ : آفتاب ڪيريو) ڀرياسٽي جي اڳوڻي تعلقي ناظم سيد امير علي شاھ ۽ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي مرادشاهه ۾ دنگل شروع : مامرو ڪورٽ ۾ پهچي ويو ، ان ڏس ۾ اڳوڻي تعلقي ناظم سيد امير علي شاھه مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڄاڻايو آهي ته اڳوڻي ايم پي اي مراد شاهه سرڪار پاران عوام جي سھولت لاءِ تعمير ڪرايل مسافر خانو ۽ آر او پلانٽ کي ڊھرائي اتي دڪان ٺھرائي ڇڏيا آھن ، انهي عمل جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪورٽ سڳوري اڳوڻي ايم پي اي سيد مراد شاھه، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين توڙي چيف آفيسر، پبلڪ ھيٿ آفيسر، اينٽي انڪروچمنٽ سيل نوشھروفيروز، ڀريا جي اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي ايس پي، مختيار ڪار، ايس ايچ او کي نوٽيس جاري ڪري سڀاڻي 4 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو، ٻئي طرف اڳوڻي تعلقي ناظم امير علي شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڳوڻي ايم پي اي سيد مراد شاھه ڀرياسٽي ۾ سرڪاري ملڪيت تي قبضا ڪري دڪان ٺھرايا آھن، اسان عدالت سڳوري سان رجوع ڪيو آھي، اميد آهي ته ادارا نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪندا