ڀريا سٽي ويجهو پراڻي تڪرار تان فائرنگ: نوجوان قتل

مَي 13, 2023

ڀرياسٽي(ن پ ا )ڀريا سٽي ويجهو پراڻي تڪرار تان فائرنگ نوجوان جي حياتي کسي ورتي. تفصيل موجب  پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل ڀرياسٽي ڀرسان پير مھائين ۾ پراڻي تڪرار تان ڪھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ ۾ اربيلو ڪلھوڙو مارجي ويو. لاش ڀرياسٽي اسپتال منتقل سندس مائٽ اعظم ڪلھوڙو ٻڌايو ته ڪلھوڙا برادري جي اڪبر ڪلھوڙو يار محمد ڪلھوڙو وارن سان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي انھن فائرنگ ڪري نوجوان اربيلو ڪلھوڙو کي قتل ڪيو آھي ڀرياسٽي پوليس لاش اسپتال منتقل ڪيو آھي جتي  ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو وڌيڪ جاچ جاري آھي ٻي پاسي نوجوان جي مارجڻ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال آھي ڌريون مورچا بند ٿيل آھن خونريزي جو خطرو وڌي ويو آھي.

Leave A Comment