ڀريا: غذائي قلت جا چاڪليٽ وٺڻ آيل ٻارڙي لتاڙجي فوت 

ڀريا: غذائي قلت جا چاڪليٽ وٺڻ آيل ٻارڙي لتاڙجي فوت 

ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀريا: غذائي قلت جا چاڪليٽ وٺڻ آيل ٻارڙيءِ پيهه سبب فوت، ڀرياسٽي جي رورل ھيلٿ سينٽر جي نشونما سينٽر تي مستحق عورتن کي غذائي کوٽ لاءِ ملندڙ چاڪليٽ ۽ دوائون وٺڻ لاءِ آيل ڳوٺ الله بخش مري جي رھواسي صادق مري جي 2 ورھين جي ڌي مسڪان مري پيهه سبب بيھوش ٿي وئي، ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، اطلاع تي روڄ راڙو پئجي ويو ڳوٺاڻا مڙھ کي ڳوٺ کڻائي ويا