ڀريا قبضا ڪيس: اڳوڻي ايم پي اي مراد شاھه پارن مهلت طلب

ڀريا قبضا ڪيس: اڳوڻي ايم پي اي مراد شاھه پارن مهلت طلب

  ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياسٽي ۾سرڪاري زمين تي ٺھيل مسافر خانو ۽ آراوپلانٽ ڊھرائي دڪانن ٺھرائڻ خلاف  داخل پٽيشن تي اڳوڻي ايم پي اي سيد مراد شاھه جو وڪيل پيش ٿيو ، هن استدعا ڪئي ته اسان کي رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ مھلت وڃي، جنھن تي عدالت ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رھي ته ٽي ڏھاڙا اڳ اڳوڻي تعلقي ناظم سيد امير علي شاھ ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي ته اڳوڻي ايم پي اي سيد مراد شاھ سرڪاري زمين تي عوام جي سھولتن لا۽ ٺھرايل مسافر خانو ۽ آراو پلانٽ ڊھرائي  داڪان تعمير ڪرايا آھن،