| ڀريا: لغڙ جهٽڻ ويل نينگر سولر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت |
ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان لغڙ جهٽڻ ويل نينگر سولر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڏاتو منگيو جو رھواسي 16 سالن جو پرويز ڀٽي سولر جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڀرياسٽي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي، فوتي پرويز ڀٽي جي والد امام بخش ڀٽي ٻڌايو ته پٽ لغڙ پڪڙڻ لاءِ زمين تي ويو هو، جتي سولر پليٽ مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو