| ڀريا: گرلز اسڪول ۾ چاپڙ ڪري پيا: 6شاگردياڻيون زخمي |
ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياسٽي جي گورنمينٽ گرلز اسڪول ۾ شاگردياڻين جي اسيمبلي دوران چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، جنهن سبب شاگردياڻين ۾ ڀاڄ پئجي وئي، اسڪول جي بلڊنگ جي چار الڳ الڳ ھنڌن تان اوچتو چاپڙ ڪرڻ سبب شاگردياڻيون ۾ خوف پکڙجي ويو، جنهن سبب 6 شاگردياڻيون جنت، ڪلثوم، سڪينا، فوزيه، سائره ۽ صوبيا زخمي ٿي پيون، انهي واقعي بعد شاگردياڻين اسڪولي بلڊنگ جي مرمت لاءِ اسڪول جي گيٽ آڏو مظاھرو ڪيو ٻئي پاسي اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسڪول جي مرمت لاءِ اختيارين کي لکيل آھي، اختيارين وزٽ پڻ ڪيو آھي پر اڃا تائين مرمتي ڪم شروع ناھي ٿيو