| ڀلي ملڪ ۾ هزار صوبا ٺاهيو پر ڪجهه نه ورندو: شاهد خاقان |
اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن قانون جي حڪمراني نه هوندي ته پوءِ هزار صوبا به ٺهي وڃن ته ڪجهه به نه ٿيندو. ويزن فار پاڪستان بحث ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪو شڪ ناهي ته صوبا ڪم نه پيا ڪن پر وفاق به ڪم نه پيو ڪري، نظام ختم ٿي چڪو آهي، سڄو پاڪستان چئي رهيو آهي ته نظام ڪم نه پيو ڪري، صرف صوبا مسئلن جو حل نه آهن، قانون جي حڪمراني به ضروري آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته صوبن جو معاملو هڪ وڏو بحث آهي، ان ۾ تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي، صوبن جي معاملي تي تڪڙ تباهي جو رستو آهي، پهريان اهو معلوم ڪريو ته ملڪ ڇو ڪم نه پيو ڪري، صوبا نه هجڻ سبب ناهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ وسيلا صوبن ڏانهن وڃي رهيا آهن، وفاق غريب ٿي چڪو آهي، اسان ڪڏهن به نٿا ڏسون ته هن نظام ۾ صوبا وسيلن کي ڪيئن خرچ ڪن ٿا، صوبا بادشاهت وانگر هلن ٿا، هتي وڏي وزير جي وات مان نڪرندڙ ڳالهه حڪم بڻجي ويندي آهي، جيستائين سڄو نظام تبديل نه ٿيندو، صوبا ٺاهڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.