| ڀلي ڪو وزير هجي يا ڪانڀو خان، ڌرتي جو هڪ انچ به نه ڏينداسين، 5 ڪروڙ ماڻهو ماريو پوءِ سنڌ ورهايو: پ پ |
ڪراچي (رپورٽ: شاھد ميراڻي) سنڌ ۾ اڳ ئي انتظامي يونٽ موجود آهن، پيپلز پارٽي پاران نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي سخت مخالفت، وفاق کان ارڙهين ترميم تحت مليل اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان پيپلز پارٽي ميمبرن چيو آهي ته ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت کان سواءِ صوبي جي حدن ۾ ڦيرڦار ممڪن ناهي، ارڙهين ترميم تحت مليل سمورا اختيار منتقل ڪيا وڃن. ان حوالي سان ڪالھ ٽئين ڏينهن به سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي حوالي سان ميمبرن جو بحث جاري رهيو. اسپيڪر اويس قادر شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي ميمبر هير سوهو چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ ڌرتي آهي، ان جي وحدت تي ڪو سمجھوتو نٿو ٿي سگهي. جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو ۽ ان جو پاڻي پئي ٿو، سو سنڌي آهي.” هن چيو ته سنڌ جا ٻار محنت سان پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جهڙن شعبن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. زراعت واري وزير محمد بخش مهر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 239(4) تحت ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت کان سواءِ صوبي جي حدن ۾ تبديلي ناممڪن آهي. هن وفاقي حڪومت جي خرچن تي سوال اٿاريا ۽ 18هين ترميم تحت مڪمل اختيارن جي منتقلئ جو مطالبو ڪيو. پ پ ميمبر هالار وساڻ چيو ته سنڌ ڪڏهن به ڌار نٿي ٿي سگهي، سنڌ جي وحدت قائم رهندي. پيپلز پارٽي جي ساجد جوکيو چيو ته “سنڌ صرف زمين جو هڪ ٽڪرو ناهي پر اسان جي ماءُ آهي.” هن چيو ته ڊويزنن، ضلعن ۽ سب ڊويزنن جو انتظامي ڍانچو اڳ ئي موجود آهي، تنهن ڪري الڳ يونٽن جو بحث بي بنياد آهي. پيپلزپارٽي جي ميمبر ماروي راشدي چيو ته سنڌ جي وحدت لاءِ ڪيل جدوجهد کي ايندڙ نسلون ياد رکنديون. ڄام مهتاب ڏهر چيو سنڌ جي ورهاست نامنظور، ڪير به سنڌ کي نٿو ورهائي سگهي. پير مجيب الحق چيو ته عوام هاڻي هن بحث جو حتمي ۽ منطقي خاتمو چاهي ٿو. سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته سنڌ 1947ع ۾ ايندڙن لاءِ پنهنجي دل کولي هئي. هن وڏي وزير کي درخواست ڪئي ته سنڌ جي تقسيم يا نئين انتظامي يونٽن جي نالي تي جاري بحث کي هن آخري قرارداد ذريعي ايوان ۾ هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي. صوبائي وزير اڪرام ڌاريجو چيو ته ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي، ان کي ڪير به ڌار نٿو ڪري سگهي. پيپلز پارٽي ميمبر سرفراز شاهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ سان گڏ مضبوطيءَ سان بيٺل آهي، جيستائين جسم ۾ ساهه آهي، اسان سڀ گڏجي سنڌ کي ڪڏهن به ورهائجڻ نه ڏينداسين. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته موجوده تحريڪ مان اهو ثابت ٿي ويندو ته ڪير سنڌ جو سچو آهي ۽ ڪنهن سنڌ سان غداري ڪئي. هن چيو ته اڄ ون يونٽ لاڳو ڪندڙن کي غدارن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي نظام ۾ ترميمون ٿي سگهن ٿيون پر مسئلن کي سنڌ جي ورهاست سان نه ڳنڍيو وڃي. سنڌ جو ڪو به فرد ورهاست نٿو چاهي، اسان جيتري محبت سنڌ سان ڪريون ٿا، اوتري ئي پاڪستان سان به ڪريون ٿا. غلام قادر چانڊيو چيو ته سنڌ هيءَ ملڪ ٺاهيندڙ خالق صوبو آهي، پر ان کي ڪهڙي ڳالهه جي سزا ڏني پئي وڃي؟ هن ياد ڏياريو ته 1948ع ۾ به سنڌ اسيمبلي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ خلاف قرارداد پاس ڪئي هئي. هن چيو ته خدارا اهڙو ماحول پيدا نه ڪريو جو ماڻهو باغي ٿين، بلوچستان ۽ ڪشمير جون حالتون سڀني جي سامهون آهن. هن نوجوانن کي اپيل ڪئي ته احتجاج دوران امن امان قائم رکيو وڃي. پيپلز پارٽي جي سريندر ولاسائي سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته جناح پور جو قصو جعلي هو ۽ هر 20 سالن کانپوءِ سنڌ جي ورهاست جو ڊرامو رچايو ويندو آهي. سنڌ ۾ ڪو به نئون صوبو نه ٺهڻ گهرجي ۽ وحدت تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ موجود سنڌ جو تاريخي حصو به واپس ملڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جي تنزيلا اُم حبيبا، مير الهه بخش ٽالپر، امداد پتافي، حنا دستگير، آصف موسي، خاص معاون سليم بلوچ، برهان چانڊيو، شازيه ڪريم ۽ ٻين به ڳالهائيندي سنڌ جي ورهاست يا انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ واري ڳالھ کي مڪمل طور تي رد ڪيو. پيپلز پارٽي جي نادر مگسي تقرير ڪندي چيو آهي ته سنڌ خاص طور ڪراچيءَ خلاف هڪ منظم سازش ٿي رهي آهي، جنهن تحت بلوچستان جهڙي صورتحال هتي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ پنج ڪروڙ سنڌي رهن ٿا ۽ جيڪو به سنڌ ۾ رهي ٿو، اهو سنڌي آهي. ڪو به غيرتمند سنڌي سنڌ کي ورهائڻ نٿو چاهي. هن چيو ته ”انتظامي يونٽن“ جي نالي ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڊويزنون ۽ ضلعا اڳ ئي موجود آهن. اصل مقصد صرف ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻ آهي. ”ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي.“ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڇا اهي سمورن پنج ڪروڙ سنڌين کي ماري ڇڏيندا؟. پيپلز پارٽي جي ميمبر سردار خان چانڊيو جذباتي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جي 90 سيڪڙو عوام نون صوبن جي قيام واري بيان ۽ سوچ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ترت قانون پاس ڪيو وڃي ته جيڪو به لسانيات تي ٻڌل نفرت انگيز تقرير ڪري يا سنڌ جي ورهاست جي ڳالھ ڪري ته ان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. سردار خان چانڊيو ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو ته اڄ به خالد مقبول صديقي جهڙا اڳواڻ نون صوبن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، هنن جي حيثيت ڪهڙي آهي جو سنڌ جي ورهاست جي ڳالھ ڪن ٿا. هن چيو ته اسان صدين کان هتي آباد آهيون، هي شهر اسان جا آهن ۽ سنڌ اسان جي ماءُ ۽ وطن آهي. اسان ڪنهن جي به ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جنهن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري ڏسي، سنڌ جي ورهاست نه ٿيندي. پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير اسماعيل راهو اسيمبلي ۾ صوبن واري معاملي تي بحث ڪرائڻ تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افسوس جو مقام آهي ته اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي ورهاڱي تي ڳالهه ٿي رهي آهي. ”اگر مگر“ جون ڳالهيون نه ڪريو، سڌي ڳالهه ڪريو، نوبت هتي تائين پهچي وئي آهي جو سنڌ اسيمبلي پڇي رهي آهي ته ورهاڱي بابت ڳالهائڻ وارو ڪير آهي. ٽي وي چينلن کي اها جرئت ڪيئن ٿي ته اهي سنڌ جي ورهاڱي بابت سروي ڪرائين؟ سنڌ جي معاملي تي سڄو سنڌ جذباتي آهي ۽ ڪو به سنڌ جي ورهاڱي بابت ڳالهائڻ نٿو چاهي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته اميد آهي ته حالتون بهتر ٿينديون ۽ اسان ڪامياب ٿيندا سين. جيڪا لڏپلاڻ ٿي، اها برصغير جي ورهاڱي جو نتيجو هئي. جڏهن اسان جا ڀائر هندستان مان پاڪستان آيا ته اهي پاڪستان لاءِ آيا هئا، سنڌ لاءِ نه، پر ان جي باوجود سنڌ جي ماڻهن انهن جو آجيان ڪيو. اسان کي لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ ايندڙ ماڻهن جي آمد تي خوشي ٿي، کين ڀليڪار ڪيو ويو ۽ اهو سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ مهمان نوازي جو حصو هو. سنڌ ۾ تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪيترائي حملي آور آيا، پر انهن سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه نه ڪئي. سنڌ جي ماڻهن جي ثقافت ۽ مهمان نوازي هر ان ماڻهو کي قبول ڪيو آهي، جيڪو سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو پر سنڌ جي وحدت تي سوال اٿارڻ يا سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪرڻ انتهائي حساس معاملو آهي. هن چيو ته اتر پرديش جي آبادي پوري پاڪستان جي آبادي جي لڳ ڀڳ برابر آهي، مهاراشٽرا جي آبادي 13 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته تامل ناڊو جي آبادي 8 ڪروڙ آهي، پر اهي صوبا ورهايا ته نه ويا آهن. آبادي يا انتظامي مسئلن کي بنياد بڻائي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ مناسب ناهي هن چيو ته اڄ اوهان چئو ٿا ته اسان ڳالهه ئي نٿا ڪريون، ته پوءِ ڳالهه واضح ڪريو ته انتظامي يونٽ آخر ڇا هوندا آهن؟ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته سنڌ کي ڪنهن به شڪل ۾ ورهائڻ سنڌ برداشت نه ڪندي. انتظامي يونٽن جي نالي سان هجي يا ڪنهن ٻئي شڪل ۾، سنڌ جي تقسيم قبول نه آهي. اڄ ايوان ۾ جيڪو بحث ٿي رهيو آهي، اهو ڪا معمولي ڳالهه ناهي، هي تاريخ جو هڪ الميو آهي. اوهان کي شايد ان ڳالهه جو ادراڪ ناهي ته سنڌ هن وقت ڪهڙي ڪيفيت مان گذري رهي آهي. سنڌ جي وحدت بابت ڪنهن به قسم جي ڳالهه انتهائي حساس آهي، تنهن ڪري اهڙن معاملن تي ذميواري ۽ سنجيدگي سان ڳالهائڻ گهرجي.