| ڀنڀور کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان، شيخ اياز بيتن سان سنڌ کي ريفرنس بڻايو: مقرر |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڀٽائي جي راڳي ڇوڪرين جي راڳ سان حيدرآباد جي سرد ھوائن ۾ سنڌ جي مھا قوي شاعر شيخ اياز جو يارھون اياز ميلو شروع ٿي ويو، خانه بدوش رائٽرس ۾ اياز ميلي جو افتتاح صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار شاهه. ميئر حيدراباد ڪاشف شورو. ڪمشنر حيدراباد فياض عباس. اياز ميلو ڪميٽي جي اڳواڻ عورتن عرفانه ملاح. امر سنڌو ۽ ٻين ڪيو. صوبائي ثقافت سياحت ذوالفقار شاهه خطاب ڪندي چيو ته هي اياز ميلو هڪ فيسٽيول آهي. هن چيو ته شاهه عبداللطيف بٽائي سورمين کي ڳايو آهي. اڄ ميلو به سورمين سجايو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ اڄ به درگاهن تي پنجاب مان گهڻا ماڻهو پهچن ٿا. هن چيو ته ميلي جي گرانٽ ڪرائي ويندي. هن چيو ته بوڙينڊو کي يونيسڪو عالمي ورثو قرار ڏنو آهي. جيڪو موهن جي دڙي جو ساز آهي. ڀنڀور جلد عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته شاهه عبداللطيف جي شاعري کي 200 سئو ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو آهي.هن وڌيڪ چيو ته سڀني صوبن کي گڏ کڻي هلون پيا. هن چيو ته هتي جبري شادي جتي ٿيندي اتي پهرين اسان پهچنداسين. پ پ پ عورتن کي خودمختيار بڻايو آهي.ميلي جي شروعات شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي راڳي ڇوڪرين راڳ ڳائي شروعات ڪئي. امر سنڌو ڳالهائيندو چيو ته اياز ميلو ڪيترا ئي مرحلا مڪمل ڪيا آهن. هي ميلو اياز جي شاعري جو ڪرشمو آهي. هن چيو ته اياز جي محبت ۽ اتساهه جي ڪري ميلي جو بار ڪلهن تي کنيو آهي. جيڪو سفر اڄ به جاري آهي. ميلي ۾ فلائيٽ دير هجڻ ڪري ناليواري دانشور اصغر نديم سيد وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي چيو ته هن چيو ته شيخ اياز جو هتي جي هيريٽيج ۾ وڏو ڪردار آهي. ڌرتي جو هو استعارو آهي. هن چيو ته فيض احمد فيض کي حافظ بچايو. هن سجاد ظهير کي به بچايو. هن چيو ته ايران جا نظم ئي اهم آهي. شيخ اياز به پنهنجي بيتن ۾ ڳالهايو. هن سنڌ کي ريفرنس بڻايو. شيخ اياز جهڙو ڪوبه ٻيو ايشيا ڇا پوري دنيا ۾ نه ملندو. هن چيو ته شيخ اياز کي غداري جا لقب به مليا. هن چيو ته سنڌ جي تاريخ ۽ ورثو خود سنڌ ڪري رهيو آهي. جنهن ٻين طرفان حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قرت العين لکيو ته نو دولتيه طبقو پيدا ٿيو آهي. بداخلاقي جو سلسلو جاري آهي. شيخ اياز سڄي دنيا گهميو. ردي انقلاب بابت شيخ جو پنهنجو نقطو نظر آهي. جنهن ڪارونجهر ۽ ڪينجهر کي زنده رکيو. ليکڪه مهتاب اڪبر راشدي خطاب ڪندي چيو ته شيخ اياز جي ڪري حرف زنده آهي. شيخ اياز سان گڏ رهيس. شيخ اياز استاد جي حيثيت ۾ هڪ خواب ڏنا. شيخ اياز جي ڪتابن سفر کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته اسان کي هڪ ترجمي جي اداري جي ضرورت آهي. بيورو آف ٽرانليشن جي ضرورت آهي. شيخ اياز کي نوبل انعام ان ڪري نٿو ملي ته اهو اياز فڪر دنيا ته ٻين ٻولين ۾ نٿو پهچي. ابراهيم جويو بيورو آف ٽرانسليشن لاءِ لکيو آهي. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ادارو قائم ڪرڻ لاءِ قرارداد منظور ڪري. ڌرتي سان محبت ئي اسان لاءِ اتساهه آهي. اڄ ميلي جون باشعور عورتون اڳواڻي ڪري رهيون آهن.
| يوسف شاهين انگريزي ۾ سنڌ جي تاريخ لکي آهي، کيس حياتي ۾ ڀيٽا ڏيو: تجويز |
حيدرآباد: اڳوڻي صوبائي وزير ۽ مشهور ليکڪه مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌ جي عاشق ۽ ناليواري شاعر صحافي ۽ اڳوڻي سينيٽر يوسف شاهين انگريزي ۾ سنڌ جي تاريخ لکي آهي. کيس حياتي ۾ ڀيٽا ڏني وڃي. جيئن شمشير الحيدري کي ڏنو هو. قومون اهي زنده رهنديون. جيڪي ٻولين کي زنده رکنديون آهن
| اياز جيئرو هجي ها ته پڇي ها هندو نياڻين جو زوري مذهب ڇوٿا بدلايو؟ عاصمه شيرازي |
حيدرآباد: صحافي عاصمه شيرازي چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي. هتي سڏ ايندو آهي. تڏهن ايندا آهيون. شيخ اياز هڪ دور نه هر دور جا شاعر آهن. شيخ اياز هڪ صوفي هئا. شيخ اياز مٽي مان ڳوهيل شاعر هو. هو فسطائيت خلاف هو. شيخ اياز جبر جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته شيخ اياز سنڌ جي معاملي تي استعارو ٿي بيهندو آهي. ڀڳت سنگهه کي پنجاب اها ڀيٽا نه ڏني جيڪا شيخ اياز ڏني آهي. ان ڪري اسان شيخ اياز جا قرضي آهيون. شيخ اياز هجي ته پڇي ها ته سنڌ ۾ زبردستي هندو نياڻين جو جبري مذهب تبديل ڪيو پيو وڃي. هو پڇي ها ته اوهان وٽ قلم ۽ ڪتاب آهن. شيخ اياز جي قلم جي جهنڪار اڄ به زنده آهي.
| نفرت سان پيدا نٿا ٿيون، اها حڪمران سيکارين ٿا: ٽرانسجينڊر ماحول سوڳوار بڻايو |
حيدرآباد: اياز ميلو ۾ صحافي اشفاق لغاري جي لکيل ڪتاب نفرت جي دريافت تي سيشن ڪيو ويو. جنهن جي ماڊيٽر ورده شهزادي هئي..ٽرانسجينڊر شهزادي رائي چيو ته اسان جو ڪيس شريعت ڪورٽ ۾ هليو ته اسان جي خلاف وڏي ڪمپئين هلائي وئي. جيڪا رياستي سطح تي هلائي وڃي ٿي. هتي فريڊم کي روڪڻ آهي. اجرڪ خلاف ڪمپئين هلي پر ايف آءِ آر نه ڪٽي وئي. هن چيو ته ڊزائنر اسان خلاف اسرائيل سان ڪم ڪرڻ جو ڪوڙو الزام هنيا پيا وڃن. جنهن پروپيگنڊا خلاف ايف آءِ آر لاءِ درخواست ڏني آهي. اسان نفرت سان پيدا نٿا ٿيون. اسان جا حڪمران نفرت سيکارين ٿا. ڊجيٽيل ڄاڻ نٿي ڏني وڃي. سائبر ڪرائيم ڀر ۾ هوندي به اتي نٿي وڃان. اشفاق لغاري چيو ته هي منهنجي ڪهاڻي ناهي. مون جهڙن جي سڀني جي ڪهاڻي آهي.
ميلي ۾ 100 کان وڌيڪ ريسرچر شريڪ ٿيندا، ايگو ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: ڪمشنر
حيدرآباد: ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي چيو ته هن ميلي ۾ 100 کان وڌيڪ ريسرچر شرڪت ڪندا. هن چيو ته اسان کي ايگو ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي ميلا نئين نسل کي سيکارڻ ۾ وڏي مدد ڏيندا. ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو چيو ته شيخ اياز هن صدي جو وڏو شاعر آهي. شاهه عبداللطيف ۽ شيخ اياز کي سدائين ياد رکيو ويندو.
ڊانسر صوفي ستار جو اياز جي گيتن تي زبردست رقص، رفيق فقير، ذوالفقار، مظهر، ضامن محفل گرمائي ڇڏي
حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ڊانسر صوفي ستار شيخ اياز جي گيتن تي زبردست رقص ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو، جڏھن ته نامياري سرندي نواز محمد حسن پنھنجي سازندن سان گڏ سرندي تي زبردست فن جو مظاھرو ڪيو. حاضرين تاڙيون وڄائي ڀرپور کين داد پيش ڪيو. جڏھن ته راڳين رفيق فقير، ذوالفقار علي، مظھر حسين، عباس فقير، فرزانه بھار، ضامن علي، بھادر ابڙو، جواد فقير، عليزہ شيخ سميت ٻين شاندار فن جو مظاهرو ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيو.