ڀنگوبهڻ پريميئر ليگ ۾ ڀٽائي اليون ۽ سنڌ اسٽار ڪامياب

ڀنگوبهڻ پريميئر ليگ ۾ ڀٽائي اليون ۽ سنڌ اسٽار ڪامياب

ڀنگو بهڻ (ن پ ا) ڀنگو بهڻ پريميئر ليگ ۾ شاهين اليون ۽ ڀٽائي اليون وچ ۾ 8 اوورن جي ميچ کيڏي وئي. ڀٽائي اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 136 رنسو ٺاهيون. شاهين اليون ٽارگيٽ چيس ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. مين آف دي ميچ وقاص آرائين رهيو. ٻي ميچ سنڌ اسٽار ۽ جيئي لطيف ۾ ٿي. سنڌ اسٽار پهريان بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 133 جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن ۾ رحمان 80 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جيئي لطيف مقرر اوورن ۾ 118 رنسون ٺاهي سگهي. مين آف دي ميچ غلام عباس رهيو.