ڀنگو بهڻ ۾ راندين جو هفتو، ڪرڪيٽ، والي بال، چيئرگيم جا مقابلا

ڀنگو بهڻ ۾ راندين جو هفتو، ڪرڪيٽ، والي بال، چيئرگيم جا مقابلا

ڀنگو بهڻ (ن پ ا) ڀنگو بهڻ جي اسڪولن ۾ اسپورٽس ويڪ ملهايو ويو. جنهن ۾ پارس پبلڪ اسڪول ڀنگو بهڻ جي شاگردن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ٻارڙن  ڪرڪيٽ، رسو ڇڪڻ (ٽگ آف وار)، والي بال، چيئر گيم ۽ ٻيون رانديون کيڏيون. ڊوڙ ۾ رائما ڀنگو، چيئرگيم ۾ صدرا گل ۽ ڪرڪيٽ ۾ توفيق نواز جي ٽيم ڪاميابيون ماڻيون. استادن ۽ شاگردن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پڙهڻ سان گڏ اسپورٽ به ٻارن لاء ضروري آهي ٻار اسپورٽس ويڪ مان ڏاڍا لطف اندوز ٿيا آهن.