| ڀنگو بهڻ ۾ ملاکڙو: پهلوانن زور آزمائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي |
ڀنگو بهڻ(ن پ ا) ڀنگو بهڻ ۾ ٿيل ملاکڙي ۾ پهلوانن زور آزمائي ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي. ٻن ڏينهن تائين جاري رهيل ملاکڙي ۾ صوبي جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ ناليوارن ملھ پهلوانن ڀرپور شرڪت ڪئي. مقابلي کي ڏسڻ لاءِ ڀنگو بهڻ سميت ڀرپاسي وارن علائقن مان ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جتي پهلوانن وچ ۾ دلچسپ ۽ زبردست مقابلا ڏسڻ ۾ آيا. شوقينن پاران پهلوانن جي بهترين ڪارڪردگي تي خوب داد ڏنو ويو. ان موقعي تي ملھ پهلوانن ۽ شوقينن پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ملھ رڳو راند نه پر سنڌ جي سڃاڻپ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا هن راند جي واڌاري لاءِ خاص قدم کڻن ته جيئن نوجوان نسل کي به هن روايت ڏانهن راغب ڪري سگهجي. جڏهن ته علائقي واسين اهڙي ثقافتي تقريب کي ڀرپور ساراهيو