دادو (رپورٽر) پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو وچ ۾ لفظن جي ڏي وٺ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو، عدالتي پيشي جي موقعي تي اهڙي صورتحال سامهون آئي آهي
دادو جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو اهلڪار کي تلاشي نه ڏيڻ واري مامري تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ام رباب پنهنجي تلاشي ڏئي هتان اندر وڃي ٿي ته اهو ٻڌائي، اسان جو هڪ هڪ ماڻهو تلاشي ڏئي ٿو، پهريان صوبيدار تلاشي ورتي ٻيو وري تلاشي ڇو پيو وٺي؟ ڇو سڀني لاءِ هڪجهڙو رويو ناهي
هن چيو ته ام رباب کي نئون شوشو هٿ آيو آهي، ميهڙ کان به اسان کي گاڏي ڪراس نه ڪرڻ ڏني وئي رانگ سائيڊ کان اچي گاڏي ڪراس ڪئي، هنن کي ٻيو ڪجهه نٿو ملي رڳو بهانا ٿا ڳولن
سردار چانڊيو چيو ته ادي کي چئو ته پنهنجو ڪيس وڙهي سياست نه ڪري، باقي ان سياست کي اسان منهن ڏئي سگهون ٿا، هن وقت تائين ميهڙ ۾ ڪجهه ٿيو آهي؟ چون ٿا ميهڙ نه وڃو خون جو خدشو آهي، اسان جي ميهڙ اچڻ تي اعتراض آهي باقي مک جوابدار گهر سامهون گهمن ٿا انهن تي اعتراض ناهي
ام رباب چانڊيو به ردعمل سامهون اچي ويو آهي، ام رباب چانڊيو پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو پاران عدالت ۾ اهلڪار کي تلاشي نه ڏيڻ واري مامري تي چيو آهي ته هنن ڀوتارن جي ذهنيت اها آهي ته تلاشي کي به پنهنجي بي عزتي سمجهن ٿا، تلاشي کي به پنهنجو انا جو مسئلو بڻائڻ ٿا
هن چيو ته سردار ڪڏهن نه چاهيندا ته قانون جي برابري هجي ان کان اڳ به سردار چانڊيو جي ڀاءُ برهان چانڊيو هڪ اهلڪار کي ڳچي ۾ هٿ وڌا هئا
هن چيو ته سردار چانڊيو اهلڪار کي تلاشي نه ڏني، اهلڪار کي ڌڪو ڏيڻ مذاق ناهي، ان جي بي عزت ڪئي وئي آهي، آءِ جي سنڌ ۽ جج صاحبان کي نوٽيس وٺڻ گهرجي
ام رباب چيو ته اسان مڪمل طور سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، بلڪل تلاشي ٿيڻ گهرجي، اسان پنهنجي گاڏي سوڌو پنهنجي ماڻهن جي به تلاشي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون
ام رباب چانڊيو چيو ته اسان سيڪيورٽي ۾ اچون ٿا، هنن پهريان به سيڪيورٽي چين ٽوڙي گاڏي کي ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اسان پنهنجي رستي تان هلون ٿا هي به پنهنجي رستي سان هلن
هن چيو ته اسان کي سچ تان هٽائي نه سگهيا آهن ان ڪري ئي سوال وڌائيندا وڃن ٿا، ڇهين حاضري آهي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ ايندڙ مهيني جي 15 تاريخ رکي وئي آهي