ڀوتارن جي عتاب جو نشانو بڻيل زينب زنگيجو جا حوصلا بلند

ڊسمبر 13, 2023

رتوديرو(رپورٽر)رتيديري ويجهو موٽرسائيڪل هلائڻ ۽ تعليم پرائڻ سبب وڏيرن جي عتاب جو نشانو بڻيل نياڻي زينب زنگيجو جا حوصلا بلند آهن

 بااثر جوابدارن پاران زينب جي فصل کي باهه ڏيڻ واري واقعي بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو زينب جي ڳوٺ زنگيجا پهچي ويو

 ايس ايس پي عبدالرحيم شيرازي زينب کي خاطري ڪرائيندي چيو ته هاڻي ڪو به بااثر توهان کي تنگ نه ڪندو

 غريب هاري جي ڌيءَ زينب زنگيجو پنهنجي ڳوٺ مان ميٽرڪ تائين پهچندڙ پهرين شاگردياڻي آهي، هوءَ گهر جي ڪم ڪارين لاءِ موٽرسائيڪل به هلائي ٿي

 2 ڏينهن اڳ بااثر جوابدارن سندس هاري پيءُ جي فصلن کي باهه ڏئي ڇڏي هئي، ايس ايس پي زينب کي نقصان جي ازالي جي خاطري به ڪرائي

Leave A Comment