دادو (رپورٽ:فتاح شيخ) ام رباب چانڊيو چيو آهي ته ڪيس اڳتي وڌندي ئي جاگيردار ۽ ڀوتار ٻيهر ڌمڪين تي لهي آيا آهن، اسان کي لالچون ۽ ڌمڪيون گڏ گڏ ڏنيون پيون وڃن
دادو جي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان موت قبول ڪنداسين پر پنهنجي پيارن جي خون تي سوديبازي نه ڪنداسين
ام رباب چانڊيو چيو ته فريادي کان آڏي پڇا مڪمل ٿي آهي، 6جولاءِ تي شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيندا، ڪيس جي سالن کان پوئواري ڪري رهيا آهيون، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي
ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته اسان حق تي آهيون ، ڀلي هي فريادي ۽ شاهدن کان هزارين سوال ڪن، ڊڄڻ وارا ناهيون
دادو جي عدالت ۾ اُم رباب چانڊيو جي 3گهرڀاتين والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو ، پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا
جوابدارن جي وڪيلن پاران فريادي پرويز چانڊيو جي جرح مڪمل ڪئي وئي، جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي