ڀوتارڪي نظام انسانيت لڄائي ڇڏي:نوجوان جي ويهڪ واري جاءِ تي ڏنڊو وجھڻ جو انڪشاف

جُون 3, 2023

پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ۾ بااثر پاران نوجوان جي تذليل ۽ تشدد، ويهڪ واري جاءِ ۾ ڏنڊو وجهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس پاران نوجوان جي تشدد بابت انڪوائري شروع ڪئي وئي

 ان ڏس ۾  چيو پيو وڃي ته  شھر جي وارڊ نمبر 6 جي رهواسي نوجوان راشد راجپوت  کي بيٽري چوري جي الزام ۾ بااثر اوطاق تي رسن سان ابتو ٽنگي سخت تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو

بااثر ڀوتار ۽ سندس ڇاڙتا نوجوان کي بجلي جا ڪرنٽ ڏئي لوهي پائپن سان تشدد ڪرڻ بعد ويهڪ واري جاءِ تي ڏنڊو وجهي مرڻينگ ڪري دروازي اڳيان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا

 نوجوان جي پيرسن پيءُ عبدالغفار راجپوت ٻڌايو ته بااثر  بيٽري چوري جو الزام ڏئي نوجوان تي بيرحماڻو تشدد ڪرڻ کان پوءِ نوجوان جي تذليل ڪئي وئي آھي، پير بااثر ماڻھو  آھي اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي

ٻئي پاسي ايس ايچ او پڊعيدن راجا نويد ٻڌايو ته  متاثر نوجوان وٽ پهچي ميڊيڪل ليٽر ڏئي نوجوان کي اسپتال پهچايو آھي

هوڏانهن پوليس  معاملي جي جانچ ڪري 5 جوابدارن خلاف نوجوان جي والد عبدالغفار راجپوت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 ڪيس ۾   شفيق شاهه ، سرفراز راجپر، ثناءُ الله  ۽ وزير علي کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار ثناءُالله راڄپر کي گرفتار ڪيو ويو

Leave A Comment