تازا ترين
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڀوتار به بچي نه سگهيو! … عبدالودود لنڊ

اڪثر ھن جا سوال ڪاوڙ ڏياريندڙ ئي ھوندا آهن، ڪچھري ڪرڻ دوران ھو فقط ڪاوڙ ڏياريندڙ سوالن پڇڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه ناهي ڪندو! ھن جي انھن سوالن ۽ ڊگھي ڪچھري کان تنگ ٿي ڪير به ھن سان ڳالھائڻ لاءِ ئي تيار ناهي هوندو، ھو جنھن به رستي تان گذرندو آهي ته ماڻھو پنھنجو رستو ئي مٽائي ويندا آهن. ته جيئن ڪٿي ھن جي سوالن جي ور نه چڙهي وڃن، آئون به ھن جي بي مقصد سوالن ۽ ڊگھي ڪچھري جو ستايل آهيان، انڪري کيس ڪٿان به ايندي ڏسي کانئس لڪي ويندو آهيان، ڇوته جيڪو به شخص ھن سان ڪچھري ڪندو آهي ته پوءِ اھو ڪجهھ ئي ڏينھن ۾ يا ته سائيڪو جو شڪار ٿي ويندو آهي يا ته وري برداشت نه هجڻ ڪري ھاءِ بلڊپريشر جو شڪار ٿي ويندو آهي!
منھنجي گھڻي لڪڻ باوجود ھن ھڪڙي ڏينھن رستي تي ھلندي مون کي روڪي ورتو ۽ پنھنجون ست سريون ٻڌائڻ شروع ٿي ويو، پر اڄ سندس ڳالھائڻ جو لھجو ۽ موضوع معمول کان مٽيل ھو، ڇاڪاڻ ته اڄ ھن سوالن جا وڏا بند ٻڌڻ ۽ فضول ڳالھيون ڪرڻ بجاءِ ھڪ سياسي ڀوتار جي تعريف ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو، جلد ئي ڳالھه ختم ڪري اڳيان روانو ٿيو، مون کي اھو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ کيس حيرانگي مان اڳيان ويندي ڏسي رهيو ھئس ته ايتري ۾ منهنجو دوست به اتان اچي لنگهيو ۽ مونکي حيرت ۾ ڏسي ان جو سبب پڇيائين، منھنجي سڄي ڳالھه ٻڌائڻ تي دوست وڏو ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳو ته اصل ڳالھه اھا آھي ته ھُو جنھن ڀوتار جي تعريف ڪري رھيو آھي تنھن سان ٻه ڏينھن اڳ ڪنھن ڪم بھاني ملي کيس پنھنجي ڊگھي ڪچھري ٻڌائي آيو آھي، ۽ ھاڻي ان سان ڪچھري جي خوشي ۾ وتي ٿو ھر ڪنھن کي ڀوتار جي تعريف ٻڌائيندو،
دوست جي اھا ڳالهھ ٻڌي آئون دنگ رھجي ويس ۽ مون سوچيو ته جيڪڏهن ھو ھڪ اھڙي ڀوتار کي به بخش نه ٿو ڪري جيڪو ڪنھن ماڻھوءَ سان ملڻ لاءِ به تيار ناهي پر ھو اھڙي ڀوتار کي پنهنجي بي سري ڪچھري ٻڌائي آيو آهي ته آئون وري ڪھڙي باغ جي موري آهيان جو ھن کان بچي نڪران، ان ڏينھن کان پوءِ ھو جتي به مون کي گڏجندو آهي ته آئون ھن کان لڪي وڃڻ بجاءِ ھن جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ھن جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ لڳي ويندو آهيان، پر پوءِ ڪجھه ئي ڏينھن ھن سان لاڳيتو ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ ھاڻي مون سان اھا حالت آهي جو ھر روز ھٿ ۾ ڊاڪٽر جي دوائن جي پرچي ھوندي آهي ۽ ميڊيڪل اسٽور جو در ھوندو آھي، ھڪڙي پاسي کان دوائن جا بل پيو ادا ڪريان ۽ ڊاڪٽرن جون فيسون پيو ڀريان ته ٻئي پاسي کان رات جو ڊپريشن ۾ ننڊون حرام آهن ۽ راتيون جاڳي پيو گذاريان.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *