ڀوڳن ڀوڳن ۾ … سنڌ  ۾  سِيارو … امتياز ابڙو

                 غريب ماڻهو ته سياري کي پسند ئي ان ڪري ڪندو آهي، جو هيءَ اھڙي سهولت آهي، جنھن جو بِلُ نٿو اچي!

                 سِياري ۾ ماڻهو ڏڪندو پيو ته به وڏي شان سان…۽ اسان جا ماڻهو  ته ايترا  ڏڪايا ويا آهن، جو  هاڻي پهرئين پڇندا آهن ته، ‘‘ترسو…سائينءَ کان پُڇي اچون ته هن سِياري ۾ ڏڪڻو  به آهي يا نه …؟’’                                            

                 ٻهراڙيءَ ۾ ته ماڻهو باهه جي چوڌاري ويهي پنهنجيون پنهنجيون باهيون ڪڍندا آهن…اسين ته گئس هِيٽر ويجهو  به تڏهن ويهندا آهيون، جڏهن اسان جي ڏندن مان ميوزڪ اچڻ لڳندي آهي.               

                 ڏاڙھون فقير ته سيءَ ۾ ايترو ڏڪندو آھي جو چيائين، ‘‘مون لاءِ  ته سيءَ سان مقابلو ڪرڻ ائين آهي، ڄڻ  اليڪشن ۾ ڪو بيروزگار ڪنهن ڀوتار جي سامهون بيٺو ھجي!’’

                 ناني چوندي ھئي ته ،‘‘سيءُ به  رڳو سياري ۾ ٿو اچي… اونهاري ۾ اچي ته خبر پويس!’’

                 اسان جو دوست لِيمون لَٻاڙي جنھن ڏينھن پنھنجو پراڻو ڪوٽ پائي گھٽيءَ ۾ ٻاھر نڪرندو آهي ته ماڻهو سمجھي ويندا آھن ته ھاڻي سياري جو خير ڪونھي!

ھن وٽ سيءَ کي ڊيڄارڻ  جا  ايترا سامان آھن، جو  سيءُ سنڌ ۾ ايندو آھي ته پھرئين اھو شرط رکندو آھي ته لِيمي جي ڳوٺ ڪونه ويندس!

ھن وٽ جيڪو قديم ڪوٽ آهي، اهو انھيءَ دور جو آهي، جڏھن اڃا ماڻھن کي خبر به نه ھئي ته سيءَ لاءِ ڪوٽ پائبا آھن. سڄي علائقي ۾ رني ڪوٽ، عمر ڪوٽ ۽ هن جو ڪوٽ مشهور آهن.

انھيءَ ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ هٿ وجهندو آھي ته اهو ٻاهرئين کيسي مان نڪرندو آھي ۽ ٻاهرئين کيسي ۾ هٿ وجهندو ته هٿ ئي واپس ڪونه نڪرندو آهي!

اسان پڇيس، ‘‘اهو ڪوٽ توھان ڪيترو هلايو آهي؟’’

چيائين، ‘‘خبر ناهي ته مون ڪوٽ کي هلايو آهي يا ڪوٽ مون کي هلايو آهي!’’

پڇيومانس، ‘‘ڀلا، توھان انهيء ڪوٽ کي ڇڏيو ڇو نٿا؟’’ 

چيائين، ‘‘مون کي ڪوٽ ۽ دوست پراڻا سٺا  لڳندا آهن!’’

گذريل سال به سيارو سنڌ مان جلد رڳو انڪري ھليو ويو، جو ھن قميص جي اندران ٻه ٻه سئيٽر پائڻ شروع ڪيا ھئا…

اسان پڇيس، ‘‘قميص جي اندران سئيٽر ڇو ٿا پايو؟’’

چيائين، ‘‘انڪري، متان جنهن جو آهي، اهو سُڃاڻي نه وٺي !’’