ڀيڙ تي ڏؤنڪو … سھڻي- ميھار جي مزارن کي آثار قديمه ۾ شامل ڪريو   ….نور سنڌي 

                 شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ آيل لوڪ داستان جا ڪردار سھڻي-ميھار، جن جون تربتون شھدادپور ضلعي سانگھڙ ۾ آھن. سهڻيءَ جي مزار شاھپور چاڪر روڊ تي ‘مائي سھڻي’ جي نالي تي قديم زماني کان قائم سھڻي پاڙي ۾ آھي، جتي سھڻيءَ جي نالي تي ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ قبرستان به آھي،  جڏھن ته محبتي ميھار جي مزار وچ شھر ۾ ڊپٽي گھٽيءَ ويجھو آھي. ان جي باوجود ان حوالي سان مشھور محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحرير جي ڪري شروع ۾ اھو سمجھيو ويندو ھو ته ھي قصو پنجاب جي شھر قصور سان تعلق رکي ٿو. 1976ع کان مشھور ليکڪن ڊاڪٽر عبدالله ورياه، پروفيسر محمد خان ٻرڙو ۽ ٻين محققن تحقيق سان ثابت ڪيو ته لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ آيل پيار محبت جي لازوال داستان جو تعلق سنڌ جي شھر شھدادپور سان آھي. سر سھڻي- ميھار ۾ ڪافي شعر اھڙا آھن، جن جي پڙھڻ سان عام ماڻھوءَ کي به اندازو ٿي وڃي ٿو ته لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ ھن سر ۾ جن ماڳن مڪانن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، اھي شھدادپور ۽ نيو سعيد آباد واري علائقي جا آھن. لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ آيل ڪردارن کي سمجھڻ لاءِ ان سر جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ ۽َ ان قصي سان وابستا ماڳن مڪانن تي ڇنڊ ڇاڻ ضروري آھي.

پھرين ڳالھ ته لطيف سائينءَ جن به اھڙن ڪردارن تي شاعري ڪئي آھي، انھن جو تعلق سنڌ سان آھي، جڏھن ته ان دور ۾ پنجاب، بلوچستان سميت آسپاس جي ملڪن ۾ ڪيترن تي عشقيه داستانن جي ھاڪ ھئي پر لطيف انھن کي نه ڳايو آھي. ماضيءَ ۾ پنجاب جا ڪجھ داستان جيڪي ٻين شاعرن ڳايا ھئا، انھن کي لطيف جي رسالي ۾ شامل ڪيو ويو ھو. اڳتي ھلي لطيف جي رسالي جي پارکن انھن سرن کي رسالي مان ڪڍي ڇڏيو. ڳالھ صاف پئي آھي ته پنجاب وارا سوھني- مھيوال پنھنجي جاءِ تي حقيقت آھن، ۽ سنڌ وارا سھڻي- ميھار به پنھنجي جاءِ تي حقيقت آھن. لطيف سرڪار جي رسالي ۾ آيل سھڻي- ميھار جو داستان پڙھن سان چٽو ٿي وڃي ٿو ته لطيف جنهن سھڻيءَ ۽ ميھار کي ڳايو آھي، انھن جو تعلق سنڌ سان آھي. ان حوالي سان لطيف سائينءَ جا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جڏھن ته سھڻي- ميھار سان وابستا ماڳ مڪان سنڌ ۾ اسان جي ڳوٺ ملدسي ويجھو آھن. پنجاب جي سھڻيءَ جي محبوب جو نالو عزت بيگ ھو، جيڪو وڏو سوداگر ھو. سنڌ جي سھڻيءَ جي محبوب جو نالو ڄام ساھڙ  ھو. ان جي نالو  شاھ لطيف سائينءَ سر سھڻيءَ جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ڏنو آھي، جن مان ھڪ بيت آھي:

جيڏيون ڏٺيان جي، صورت ساھڙ ڄام جي،

سک ٿي ستيون ڪين ڪي، ڪانڌن پاسي ڪي،

منھان ئي اڳي، گھڙو سڀ گھڙا کڻي.

لطيف سائينءَ جي سورمي ۽ سندس محبوب ميھار جون قبرون سنڌ جي تاريخي شهر شهدادپور ۾ آهن. سهڻيءَ جي مزار شهدادپور- شاهپور چاڪر روڊ تي ۽ ميھار جي مزار شھر جي ڊپٽي گھٽيءَ سامهون ويندڙ بند گهٽيءَ ۾ آهي. پهريون دفعو 1981ع ڌاري ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد ايوب ٻانڀڻ ساڃاهه وند ڌرين سان گڏ سهڻي- ميهار تي ميلو لڳرايو. ٽي روزه ميلي ۾ ملاکڙو، سگهڙن جي ڪچهري، ادبي ڪانفرنس، مشاعرو، راڳ رهاڻ جي محفل کانسواءِ ماڻهن جي تفريح لاءِ مٺائي، رانديڪن جا دڪان، هوٽل ۽ شو لائين لڳايو ويو. ادبي ڪانفرنس ۾ مشهور اديب، شاعرن سهڻي- ميهار تي تحقيقي مقالا پڙهيا ۽ لطيف جي بيتن سان ثابت ڪيو ته لطيف جي رسالي ۾ آيل سھڻي- ميھار سنڌ جا آھن. محمد ايوب ٻانڀڻ هڪ ٻه ميلا ڪرايا، بعد ۾ ميلا نه لڳايا، وري اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادپور حاجي محمد ابراهيم ميمڻ ميلو لڳرايو، ان بعد اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان منگي به ميلو لڳرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميلو نه لڳرائي سگهيو ۽ هن سهڻي- ميهار ادبي ثقافتي پروگرام نالي تي هڪ شاندار پروگرام ڪرايو، ان بعد سهڻي ميهار تي نه ميلو لڳو، نه ڪو پروگرام ٿيو.

پنجاب (گجرات) واري سوهني- مهيوال جو قصو الڳ آهي، جنهن کي پنجاب جي ڪيترن ئي شاعرن ڳايو آهي، پر جنھن عشقيه داستان کي شاھ لطيف ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي آڳاٽي زماني جي شاعرن ڳايو آهي، اهي ڪردار سنڌ جي شهدادپور واري علائقي جا آهن. پنجاب جي سوهني- مهيوال جي قصي ۽ سنڌ جي سهڻي- ميهار جي قصي ۾ تقريبن هڪجهڙائي آهي، پر ٻنهي جي ماڳن مڪانن ۾ فرق آهي ۽ قصي ۾ به ٿورو فرق آهي. پنجاب جي گجرات واري سوهني چناب درياءَ ۾ ٻڏي هئي، سنڌ واري سهڻي سنڌو درياءَ، جنهن کي مهراڻ به سڏيو وڃي ٿو، ان مان نڪرندڙ لهاڻو، جنهن کي سنڌو دريا جي ڦاٽ به چيو ويندو هو، ان ۾ ٻڏي هئي. ان جي شاهدي ڀلاري ڀٽ ڌڻي پنهنجي رسالي ۾ هن ريت به ڏني آهي:

گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،

مئي مٿي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،

ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سڻاہ سين.

هي لوهاڻو درياءَ سڪرنڊ وٽان سنڌو درياءَ مان نڪري، شهدادپور کان ٿيندو، بدين ضلعي ۾ سمنڊ تي وڃي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن مان ٻه واهه نڪرندا هئا. وقت جي حالتن ڪري ۽ روهڙي ڪئنال نڪرڻ بعد لهاڻو درياءَ سڪي ويو ۽ هاڻ لٽجي ويو آهي. ان جا نشان باقي وڃي بچيا آهن، هاڻ ان کي مارک واهه يا ڀڏو سڏيو وڃي ٿو ۽ هن علائقي ۾ جتان سهڻي ٻڏي هئي ۽ جتان سندس لاش هٿ ڪيو ويو، ان کي سهڻي ڍورو سڏيو وڃي ٿو. 2011ع وارين برساتن ۾ آيل تباهي بعد سابق وفاقي ڪابينا سهڻي ڍوري جي بحاليءَ جو اعلان ڪيو هو، يعني لهاڻو درياهه کي اصل حالت ۾ آڻڻ جي اسڪيم منظور ڪئي وئي پر ان تي عمل نه ٿي سگھيو.

سنڌ جي سهڻيءَ جا مائٽ غريب مزدور طبقي جا هئا، گجرات واري سوهنيءَ جا مائٽ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪرڻ سان گڏ مالوند ماڻهو هئا. شهدادپور واري سهڻيءَ لاءِ ٻه روايتون آھن. ھڪ روايت موجب، ھوءَ ذات جي ساميٽي هئي. ٻي روايت موجب، واھوچي ھئي. ٻئي ذاتيون سنڌ جون سماٽ ذاتيون آهن. ميهار جو نالو ساهڙ هو، جيڪو ذات جو نڱامڙو ھو. لطيف جي ڪجھ بيتن ۾ ڄام ساهڙ به آيو آهي. ڄام ڪنهن عزت دار ۽ وڏي ماڻهوءَ جو لقب به آهي ۽ ميهار خود مالوند خوشحال ماڻهو هو، سندس لهاڻو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي مختلف هنڌن تي مال جا وٿاڻ هئا، سندس چوپايو مال سندس ملازم چاريندا ۽ سار سنڀال ڪندا هئا. ساهڙ ڄام “ميهار” فقط نگراني ڪندو هو. پروفيسر محمد خان ٻرڙي هن قصي کي 7 هجري صديءَ جي اوائلي دور جو ڄاڻايو آهي ۽ سهڻي، لهاڻو درياءَ ۾ ئي تري ميهار سان ملڻ لاءِ ويندي هئي ۽ اُن ۾ ئي ٻڏي مئي هئي، ان جي لطيف سائين هن بيت ۾ تصديق ڪري ٿو:

محبتي ميهار جون، دل اندر دونهيون،

 آڻيو وجهي اُرَ ۾، لوهاڻو لُوهيون،

جي ساهڙ جون سونهيون، سير سراڙي تن کي.

گجرات پنجاب واري سوهني مهيوال ۾ مهيوال جو نالو عزت بيگ هو. روايتون آهن ته پاڻ بخارا جو سوداگر هو، گجرات ۾ واپار لاءِ آيل هو، جتي هن سوهني جي حسن جي ھاڪ ٻڌي. جڏهن ھن سوهني کي ڏٺو ته سوهني ۽ مهيوال هڪٻئي تي عاشق ٿي پيا. عزت بيگ واپار ڇڏي هر وقت سوهني جي ديدار لاءِ آتو هو، سندس ذهن تي صرف سوهڻي سوار هئي، اهڙي صورت ۾ سندس هڙ ۾ جيڪي پئسا هئا، اهي ختم ٿي ويا، جڏهن صفا سڃو ٿي ويو ته سوهني جي مائٽن وٽ نوڪر طور ڪم ڪيو ۽ چناب درياءَ جي ٻي ڀر انهن جو چوپايو مال چاريندو هو ۽ رات جو روزانو سوهني سان ملڻ لاءِ درياءَ تري گجرات ويندو هو. اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ ڪمزور ٿيڻ ڪري هن ۾ درياءَ ترڻ جي سگهه نه رهي ته اهڙي صورتحال ۾ سوهني پنهنجي محبتي مهيوال سان ملڻ لاءِ دِلو ٻڌي درياءَ پار ڪري هن سان اچي ملندي هئي. هڪ رات درياءَ ۾ ٻڏڻ لڳي ۽ دانهون ڪيون، اهي دانهون ٻڌي مهيوال به درياءَ ۾ گهڙي پيو ۽ سوهني کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ به سوهڻي سان گڏ ٻڏي ويو، سندن مزارون گجرات ۾ آهن. سنڌ جي سهڻيءَ جي مڙس جو نالو ڏمُ هو، جيڪو سندس ئي ذات وارو هو ۽ سهڻيءَ جو ميهار سان ملڻ جو راز جڏهن سندس سس وٽ کليو ته هن سهڻيءَ کي روڪيو، سختي ڪئي پر جڏهن سهڻي نه مڙي ته جنهن گهڙي تي سهڻي درياءَ پار ويندي هئي، اهو گهڙو لڪائي اتي اهڙو ئي اڌ پڪو ڪچو گهڙو رکي ڇڏيو ۽ جڏهن اهو گهڙو کڻي سهڻي درياءَ ۾ ڪاهي پئي ۽ ٿوري اڳتي وئي ته اهو گهڙو ڳرڻ لڳو ۽ سهڻي ٻڏڻ لڳي ته ميهار کي سڏ ڪرڻ لڳي، پر ميهار جي پهچڻ کان اڳ سهڻي ٻڏي وئي. روايتون آهن ته سندس لاش ٽن ڏينهن بعد شهدادپور وٽان لهاڻو جي ڪناري مليو، جتي ميهار کيس دفنايو ۽ جيستائين حياتي هو، مجاور ٿي ويٺو. ميهار ملدسي ويجهو سون چڙي دڙي مان پاڏي تي سرون کڻي سهڻيءَ جي قبر پڪي ڪرائي. سهڻي- ميهار جا ماڳ نيو سعيد آباد جي ديهه ڪاڪا وٽ روهڙي ڪئنال وٽ به ٻڌايا وڃن ٿا، اتي ميان ڇٽو، جنهن کي شاهه ڇٽو به چون ٿا، ان جي مزار به اتي آهي. روايتون آهن ته ميان ڇٽو آڌيءَ کانپوءِ درياءَ جي وچ ۾ بيھي تھجد نماز پڙهندو هو ته سهڻي ميهار سان ملڻ لاءِ سندس اڳيان تري ويندي هئي ته هو کيس ميهار سان ملڻ کان روڪيندو ھو. ان جي شاھدي لطيف سائينءَ مختلف بيتن ۾ ڏني آھي، جئين:

ڇٽا ڇينڀ مَ مونکي پل ۾ منھنجا پير، 

نوڙيو ٿو نمازون پڙھين، ثابت مٿي سير،

ڪٺيون جي تقدير، سي گھر گھارينديون ڪيترو.

روايتون آھن ته ميان ڇٽو سھڻي ۽ سندس خاندان جو مرشد ھو، جڏهن ته ملدسي ويجهو شهدادپور- ملدسي روڊ تي به ميهارڪو ڀڙو هو، جيڪو 1990ع تائين ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ پکڙيل هو. جتان چاڏيون، مٽ ۽ سڪا، انساني ڍانچا به هٿ آيا هئا. زماني جي ستم ظريفي ڪري اهو تاريخي ماڳ ميسارجي ويو. هاڻ اتي زرعي آبادي ٿئي ٿي. ان حصي کي اڄ به ميهارڪو نمبر سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته سهڻي ۽ ميهار جي مزارن جي حالت ڏينهون ڏينهن زبون ٿيندي وڃي.

ھن وقت سھڻي- ميھار جون مزارون خسته حالت ۾ آھن. ڪافي وقت کان ميڊيا تي اھي مطالبا ٿيندا رھيا آھن ته لطيف سائين جي شاعريءَ جي ھن  لازوال داستان جي ڪردارن جي مزارن کي آثار قديمه ۾ شامل ڪري انھن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ ھر سال ثقافت سياحت کاتي پاران سھڻي- ميھار ادبي ثقافتي ميلو لڳرايو وڃي. 2021ع ۾ ان وقت جو ڊي جي آثار قديمه منظور قناسرو شھدادپور ۾ سھڻي- ميھار جي مزارن تي آيو ھو ۽ ھن مزارن کي آثار قديمه ۾ شامل ڪرڻ جو واعدو به ڪيو ھو. پوءِ خبر نه آھي ته اھو ڪم ڪٿي پھتو. اسان ثقافت سياحت، آثار قديمہ کاتي جي اختيارين کان گھر ٿا ڪريون ته سھڻي- ميھار جي مزارن کي آثار قديمه ۾ شامل ڪري ھنن کي تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ سھڻي ۽ ميھار جي قبرستان تي ٿيل قبضو ختم ڪرايو وڃي، ھر سال سھڻي- ميھار ادبي ثقافتي ميلو لڳرايو وڃي.