ڀيڻ جي مشوري تي عورت 50 هزار ڊالر جي لاٽري کٽي ورتي

ڀيڻ جي مشوري تي عورت 50 هزار ڊالر جي لاٽري کٽي ورتي

نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) ڀيڻ جي مشوري تي عورت 50 هزار ڊالر جي لاٽري کٽي  امير بڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري  جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ميري لينڊ جي علائقي بالٽي مور ڪائونٽي ۾ ڀيڻ  جو مشورو عورت جي ڪم اچي ويو. چيو پيو وڃي ته لياجين نالي عورت کي سندس ڀيڻ لاٽري جي معمول جي حوالي سان  انتهائي مفيد مشورا ڏنا، جنهن  بعد ڄاڻايل عورت بالٽي مور ڪائونٽي جي هڪ لاٽري جي دڪان تان ڀيڻ جي مشوري تي 5 ڊالر  جي مني ميڪر لاٽري خريد ڪري ورتي. لياجين گهر اچي جڏهن ٽي وي تي مني ميڪر ٽڪيٽ ڏسي نمبر اسڪريچ ڪيو  ته ٽڪيٽ تي لکيل نمبر ٽي وي تي  ڏيکاريل لاٽري نمبر سان ميچ ڪري ويو  اهڙي ريت عورت هڪ ڏينهن اندر ئي ڪرووڙ پتي بڻجي وئي. لياجين فوري طور ڀيڻ کي فون ڪري 50 هزار ڊالر جو انعام کٽڻ بابت ٻڌايو . لياجين جو چوڻ آهي ته هو لاٽري تي اعتبار نه ڪندي هئي پر سندس ڀيڻ کيس ان بابت همٿائيندي رهي.