رات پنهنجي ڪاري چادر لاھي وئي ھئي. سج نڪرڻ ۾ اڃان ڪا جھٽ کن ھئي .مون پنهنجي ڪلھي تي پنهنجو ھٿ رکي پاڻ کي ننڊ مان اٿاريندي چيو :
“ارشاد! اُٿ ھاڻي. پکي پکڻ ۽ وڻ ٽڻ تنهنجي انتظار ۾ ھوندا”.
ڪمري مان نڪري اچي اُڀ ڏانهن تڪيم. سندر ناريءَ جي ناسي وارن جھڙا ڪڪر ڇانيل ھئا .بورچي خاني ۾ دنر وٽي ۽ تسريءَ ۾ راتوڪا بچيل چانور ۽ تريل پٽاٽا پيا ھئا، اهي ھڪ ٿيلھيءَ ۾ وڌم. ھڪ ھٿ ۾ ٿيلھي، ٻئي ۾ پنهنجي وڻندڙ ترڪيءَ جي سگھاري ليکڪ جو ڪتاب “استنبول” کڻي گھران نڪتس .ھڪ اڌ نمازي مسجد مان نڪتا. ھنن جي منھن تي نور. مرڪ بدران اھڙا ڀاو ھئا، ڄڻ جيل مان ٿا نڪرن. مون کين سلام ڪيو پر جواب ھنن اھڙي رکي نموني ڪنڌ ڌوڻي ورايو، ڄڻ گردن ٽوڙ بخار ھجين .
مون کي قبرستان ايندو ڏسندي پکي خوشيءَ مان ٻوليندا آيا
“اچي ويو !ادا ارشاد اچي ويو”.
ڀت تي چانور، پٽاٽا رکيم. پکي محبت وارين نظرن سان نھاريندي داڻو چڳڻ لڳا .
شاھي باغ ڏانهن آءُ ڪيم .
گھاٽ واري مسجد اڳيان ھڪ وھيل ڪرسيءَ تي معذور فقير ويٺو ھو. مسجد جي ڏاڪڻ تان ھڪ ڪروڙ پتي شيخ صاحب لٿو. فقير ھٿ وڌايس. ھو منهن پرتي ڪري تڪڙو تڪڙو ھليو ويو .
ڪروڙ پتي شيخ صاحب ھڪ عيد تي وڳو سبرايو. درزيءَ قميص ۾ گيدا ڪونه رکيس. پڇيائينس ته درزيءَ کلندي چيو ھيس :
“سائين! تون وري کيسي ۾ ڪھڙا پئسا رکي گھمندو آن”.
ٿڌڙي ھير لڳي رھي ھئي. مون کي لتا جو گانو ياد آيو :
“اي ھوا ميري سنگ سنگ چل ,
ميري دل مين ھوئي ھلچل !
ڪھي دريا ڪا پاني پل پل،
تجھي پياس ملن ڪي پل پل”.
مان ھوا جيان اڏامندو شاهي باغ آيس. واڪ ڪندي وڻن سان ڳالهيون ڪيم. پکي مٿان اڏامندي پنهنجون ٻوليون ٻولڻ لڳا .
بادلن جي ويندڙ ڄڃ کي ڏسندي ھڪ بينچ تي ويھي ڪتاب کوليم. شڪارپور جي شاھي باغ ۾ اورحان پامڪ جي
“استنبول” مزو نه ڪيو. پڙهڻ ۾ دل نه لڳي. ڪتاب بند ڪيم .
باغ مان نڪري اسٽيڊيم اڳيان آغا علوي ۽ مشتاق شيخ جي باغن ڏانهن وڃڻ لڳس.
ويھ سال اڳ شاھي باغ ۾ واڪ ڪري، ايڏانھن ويندو ھيس.
علوي صاحب جي باغ جو ٺيڪو علي بخش لھر ۽ شيخ صاحب وارو عنايت الله ڀٽي کي ھوندو ھيو. ٻئي مکڻ ماڻهو. مون تان ساھ صدقي ڪن .
باغ ۾ گھڙڻ سان ننڍڙي واھيءَ جو وھندڙ پاڻي ڏسي دل خوش ٿي وڃي. لتا من تي ھُري اچي :
“اس جیون کی یہی ہے کہانی،
آنی جانی یہ دنیا، جیسے دریا کا پانی”
اڳتي زيتون جا وڻ. اندر داخل ٿيڻ سان ساھ سڌير ٿي وڃي، ڄڻ رڊيارڊ ڪپلنگ جي ناول “Jungle Book” ۾ گھڙي ويس .
انبن جا وڻ قطار ۾ فوجي ڀائرن وانگر بيٺي سيلوٽ ڪن .
کجين جا ڊگھا وڻ باوقار نموني بيٺي آڌر ڀاء ڪن .توتن، ڄمن جا ننڍڙا معصوم وڻ ٻارن وانگر ھوا تي لڏندي کيچل ڪن .وچ تي ھڪ ڪچي ڪوٺي ٺھيل ھوندي ھئي. ان جي ٻاھران ڀت ۾ ڪوڪن سان انبن جي ننڍڙي پيٽي ٽنگيل. ان ۾ پوتيون پاتل قرآن پاڪ رکيل ھوندو ھو .ڪوٺيءَ اندر ڀاڻ جون ٻوريون ۽ ٻيو سامان سڙو رکيل ھوندو ھو .ڪوٺيءَ پويان لڳل نلڪي مان، گيڙا ڏئي ٻُڪ ۾ پاڻي پي، ڪوٺيءَ ٻاھران ھڪ سر تي ويھي منظر ڏسي من اندر سرھو ٿيندو ھيم. ھاڻي جو آيس ته ڪاريءَ وارا ڪک !باغ پلاٽ ٿي وڪامجي ويا. ان مٿان بنا سسٽم جي بد زيب ٺھيل جايون ڏسي ھانءُ ٻه اڌ ٿي سڙي ويو .
ھلڪيون مِينهن ڪَڻيون پوڻ لڳيون .
مان چارلي چپلن چواڻيءَ: “انهن ۾ پنهنجي اکين جا لڙڪ لڪائي”- ڳاڙيندو گهر پڳس.