ڀِت جي وِٿين مان نڪتل پنا … اھو طلسم اک کلڻ سان ٽُٽي ويو ! … آدرش

 “رابرٽ پنهنجي گهر آيو ته ڪمري ۾ سندس زال جي ڇاتيءَ ۾ خنجر ٽنبل ھو”.

“مان اڌ رات جو آفيس کان موٽان پيو. اوچتو روڊ جي ڪنڊ واري وڻ جي پاسي مان ھڪ ماڻهو نڪري اچي منهنجي لوندڙيءَ تي ريوالور رکيو”.

“صدر جي زال ٻئي مڙد سان ستل ھئي. ٻنهي کي گوليون لڳل ھيون”.

“انڪا منهنجي مٿي تي ويٺي حڪم ڪيو شام وزير کي ماري اچجانءِ، نه ته تنهنجو خون پي وينديس”.

“مان بينڪ ڪيشيئر کي ٿيلھو ڏيندي چيو سڀ روپيا جلد ھن ۾ وجھ”.

“مان ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيس ۽ ھن جي چپن مٿان چپ رکي بستري تي سمھاري ڇڏيم”.

“ھو آمريڪا وڃي رھيو ھو. منهنجي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا”.

“عمران لاش جو معائنو ڪندي صفدر کي چيو: ھي خودڪشي نه، قتل آهي”.

اھي مٿيون سِٽون پاپولر ڪمرشل جاسوسي ۽ رومانوي ناولن جون آهن .

اھا جادو نگري ھئي .دنيا ۾ ميگزين ۽ ناول ڇپبا ھئا. لکن جي انگ ۾ وڪامبا ھئا ۽ پڙھيا ويندا ھئا. جيمس ھيڊلي چيز، سئڪس روھمر، رائيڊر ھيگرڊ، ڊينس وھٽلي، جان ڊڪسن ڪار، اليسٽر ميڪ لين, اگاٿا ڪرسٽي، مئري ڪوريلي، ارل اسٽينلي گارڊنر، جان ڊي ميڪڊونلڊ، راس ميڪلڊولڊ، ھيرالڊ رابنس ۽ سڊني شيلڊن پنهنجي لکڻ جي ڏانوَ ۾ وڏا شاھ ڪاريگر .ماڻهو ناول کڻي ته ننڊ ڦٽي وڃيس. جيسين پورو نه ڪري، تيسين آرام ڪونه اچيس .

اردوءَ ۾ عمران سيريز جو وڏو ڌاڪو. ان جو موجد ابن صفي، سندس اصل نالو اسرار احمد .ھر مھيني جي پھرين تاريخ ناول اچيس. پڙھندڙ جام. انتظار ۾ اٿلن پٿلن .ھن جي ناولن جي عاشق بنگلاديش جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان جي امڙ به ھئي. عمر جي پڇاڙيءَ ۾ سندس نظر جھڪي ٿي وئي ته کيس سندس نوڪرياڻي پڙھي ٻڌائيندي ھئي .

عمران سيريز جا ناول ايڇ اقبال، ايـم ايس قادري (محمد شاهه قادري)، ايم اي راحت ۽ ٻين کوڙ ليکڪن لکيا پر ابن صفيءَ جي جُتيءَ ۾ پير نه وجهي سگھيا .

انگريز ليکڪا اگاٿا ڪرسٽي لاءِ چيو ويندو آهي ته انگريزيءَ ۾ بائيبل کان پوءِ گهڻا پڙھيا ويندڙ اگاٿا ڪرسٽي جا ناول آهن. ھوءَ اسان جي ملڪ ۾ سٺ جي ڏھاڪي ۾ آئي ھئي. سوات جي ريسٽ ھائوس ۾ شيخ اياز صاحب مليو ھيس. ان جو ذڪر اياز صاحب پنهنجي شاھڪار نثري ڪتاب “ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۾ ڪيو آهي .

ڊائجسٽن ۾ قسطن ۾ شايع ٿيندڙ سلسلي وار ڪھاڻين جو پنهنجو جادو. ‘انڪا’، ‘سونا گھاٽ ڪا پجاري’، ‘غلام روحين’،‘امر بيل’، ‘اقابلا’ ۽ ‘طالوت’ عجب ڪھاڻيون .

انوار عليگي به وڏو لکاري .شڪيل عادل زادا ‘بازيگر’ عاليشان ڪھاڻي لکي .محي الدين نواب جي “ديوتا” جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي! وڏو ڊگھو داستان. چاليھ سال ھليو. نواب صاحب ٻيون به سماجي سٺيون ڪھاڻيون لکيون .اقليم عليم، اثر نعماني، طاھر جاويد مغل، راحيل ارشد به پاڻ ملھايو .

منهنجي شھر شڪارپور جي محمود احمد موديءَ به ڌاڪو ڄمايو.

تاريخي ناولن ۾ عبدالحليم شرر، نسيم حجازي، اسلم راھي ۽ الياس سيتاپوري جن جو قلم به واھ واھ  !

روماني ناولن ۾ اي حميد، قيسي رام پوري، رضيا بٽ، سلما ڪنول، بشرا رحمان، عميرا احمد، نميرا احمد، ديبا خانم پنهنجو مٽ پاڻ .انهن سڀني پنهنجي پر ۾ پاڻ ملھايو .پڙھندڙ کي منڊي ڇڏيو .اھو طلسم ھو .اک کلڻ سان ٽُٽي ويو !انهن ليکڪن کي ٻئي درجي جي خاني ۾ رکيو ويندو آهي. جڏهن ته اھي پنهنجي فن ۾ وڏا آرٽسٽ ھئا .

انهن جي ناولن، ڪھاڻين جا ڪردار ساھ کڻندي محسوس ٿيندا ھئا .ڏاڍا سٺا داستان گو ھئا. قصو ٻڌائڻ شروع ڪن ته رات کٽي وڃي،

ڳالھ نه کٽي .

اسان جو حال اھو آهي جو ناول ۽ ڪھاڻين جا ڪتاڀ ڇپجن ٿا. ھڪ صفحو پڙهڻ کان پوءِ جڪ ٿا اچن .اجائي ٻاھرين ليکڪن جي تقليد. بنا مشاهدي ڪرو مرو ڳالهيون. ڪردار به ڄڻ پلاسٽڪ جا ٺھيل .نقاد لڀن ڪونه. ھڪ اڌ آهن، اهي به رڳو پنهنجي سنگتي ليکڪن جي ڪتابن تي بنا پڙهي قصيدا لکندا. لفظن جي معنيٰ جي خبر به نه، ته ڪٿي استعمال ٿيندا آهن. اڻ ٺھندڙ لفظن ‘سلڇڻو’ ۽ ‘سيبتو’ جا لقب ڏيندا .ڪو ھڪ سٽ به سچي سٽ لکي ٿو ته لٺ کڻي در تي ٿا پڄي وڃنس .

ناولن، ڪھاڻين جي ڪتابن جا عنوان اهڙا، جو پڙھندي ئي ارواح کڄي وڃي .مسواڙي جاءِ ٿيندي آهي، دڪان ٿيندو آهي يا “مسواڙي محبت” …. عجب آهي !