ڀِت جي وِٿين مان نڪتل پنا … پراڻا وڻ بزرگ شھري ھوندا آهن … آدرش

                 منجھند جي آرام ڪرڻ کان پوءِ ٽپھريءَ مھل اک کلي. ھٿ منهن ڌوئي ڪمري ۾ آيس. ڏھن سالن کان پوءِ وري رسول حمزاتوف ڪچھري ڪرڻ لاءِ اچي صوفي تي ويٺو ھو. ڏسي مرڪيو. ھٿ ٻڌي عرض ڪيومانس:

                 “من! لک قرب تنهنجي اچڻ جا. ‘منهنجو داغستان’ وارين تنهنجي ڳالهين جي سِٽ سِٽ دل تي لکيل آهي. اڄ شاعري ٻڌائڻ آيو آھين. تنھنجا نظم رات جي وڳڙي ۾ ٻڌندم. راڳ، شاعري، رقص، پڙهڻ لکڻ، ڪچھري ڪرڻ ۽ پنهنجو حق ادا ڪرڻ رات جا رنگ برنگي  رنگ ھوندا آهن، جيڪي ڏينهن جو ڪونه سونھندا آهن”.

رسول مرڪيو. چوڻ لڳو :

                 “سدورا ! ڳالھ ڀلي ڪئي اٿئي. رات جلد اچڻ جي ڪجانءِ. مان به لکي در جو چڪر ھڻي، تو لاءِ ڪا شامي ٽڪي ۽ رابيل جي ڪنڍي وٺي، ھاٿي در تي ساميءَ جي مڙھيءَ ۽ تنهنجي گهر پويان واري گھٽيءَ ۾ شيخ اياز جي گهر جي در کي ھٿ گھمائي موٽان ٿو”.

مان ھن کان ھٿ ٻڌي موڪلائي گھران نڪتس.

اڀ تي ڪراڙي زائفان جي ڇڊن اڇن وارن جھڙا ڪڪر ڇانيل ھئا .سندر ناريءَ جي اڇي ململ جي سنھي رئي جھڙي وڻندڙ ھوا لڳي رھي ھئي .مان شاھي باغ اچي ٻاري ۾ ھڪ بئنچ تي ويٺس .

دل ڏاڍي خوش ٿي جو سامهون پاڙيسري بزرگ نيڪ محمد کي ايندي ڏٺم. ھن جي مون تي نظر پئي ته مرڪندي مون ڏي اچڻ لڳو. مان اٿي ڪري ڪجھ وکون اڳتي وڌي ساڻس نياز نوڙت سان ملي سندس سواگت ڪيو .

مان چيومانس: “سائين! توهان ويھو ته مان ھوٽل واري کي چانھ چئي  اچان”.

ھٿ کان وٺي ويھاري چوڻ لڳو: “اڙي نه بابا ! ضرورت ناهي. مان ھاڻي پِي ڪري گھران پوءِ نڪتس. گهر ۾ من ماڪوڙي وانگر ھو، سو نڪري پيس. تو کي ڏسي خوشي ٿي. ھاڻي ڪيھر شينهن بڻجي ويو .ٻيو ڏي احوال”!

“خير لڳو پيو آهي. صبح واڪ ڪري ويو ھيس. ننڊ مان اٿيس. دل گھريو ٻاھر ڪا وندر ورونھن ڪري اچان، سو ھليو آيس. توهان سان ملاقات نصيب ھئي. ملياسون، مزو اچي ويو”.

“ھا من! ملاقات ۽ سفر نصيب ھوندا آهن .ٻڌ ته! تو پراڻو شاھي باغ اوج ۾ ڏٺو؟”

“نه سرڪار! سانڀر ٿي ڏٺم ان مھل. وري به چڱو ھو. ڪا ڀت نه ھئي. ھوڏي پڇاڙيءَ ۾ کوھ ھو. ان اڳيان پپل جو وڻ ھو. پپل جي وڻ تي مينهن جو پاڻي ڪونه بيھندو آهي. ھاڻي چوڌاريءَ ڀتيون. ڀتيون جيل کي ڏنل ٺھنديون آهن، باغن کي نه”.

“مون ڏٺو. ڪمال ھو! سدورا ! مان سي. ايس. ايس جي تياري ڪرڻ لاءِ ڪتاب کڻي اچي پڙھندو ھيس. سامھون بڙ جو وڏو وڻ ھوندو ھو. اتي اھو مبن ٿلھا ڪتاب کڻي اچي وڏو مطالعو ڪندو ھو. وڏو پڙھاڪو ھو .ڪڏهن ڪڏهن مرزا قليچ بيگ صاحب کوھ ڀرسان واري وڻ جي ٿڙ تي ويھي ڪتابن جا ترجما ڪندو ھو”.

“اڇا”!

“نه ته ڇا”!

“اھو مبن ڪير ھو؟”

ٽھڪ نڪري ويس.کلندي چوڻ لڳو :

“اڙي من! اھو مبارڪ علي. جيڪو پوءِ وڃي جبل جيڏو شاعر شيخ اياز بڻيو. پاڙي ۾ مبن ڪوٺيندا ھياسونس ني”!

“توهان سان لڳندي ھيس؟”

“نه من! ڪتابي ڪيڙو ھو. رکو ھو. پاڻ به ‘گھر ته گھرانءِ’ وارا، سو ڪانه لڳي. ھو پنهنجي ذات ۾ انجمن ھو”.

“بڙ جو ڇا ته وڻ ھو”!

“ھا من! برابر! ان لالچي شيخ تعلقي ناظم

باغ نئين سر ٺھرايو ته وڍائي ڇڏيو. ظالم وڏو ظلم ڪيو. ڇا ڪجي”!

“سائين! اٽليءَ جي شھر فلورينس ۾ ھڪ قديم وڻ ھو. روڊ کي ويڪرو ڪرڻ لاءِ وڍين پيا. اھا ڳالھ اتان جي ليکڪ ۽ نوبل انعام ماڻيندڙ البرٽو موراويا جي ڪن تي پئي. ھن ھڪ دم وڃي عدالت جو در کڙڪايو .

سٺو ليکڪ ھو. ھن جون ڪجھ ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي رسالن ۾ ڇپيون آهن. ولي رام ولڀ صاحب سندس ڪجھ ڪھاڻيون سھيڙيون ۽ ڪتاب “ٿڪل سريت” ڇپيو. ھن جو ناول “Two Women” اردوءَ ۾ “گمراھ” جي نالي سان ڇپيل آهي.

سو ٻڌايانوَ پيو. موراويا درخواست ڏني ته، “قديم وڻ پراڻو بزرگ شھري آهي. ان کي وڍيو ويو ته ھڪ بزرگ معزز شھريءَ جو  قتل ٿيندو”.

جج صاحب درخواست پڙھي، ان گھڙيءَ آرڊر ڪڍيو :

“وڻ کي وڍيو ويو ته ميونسيپل ڪارپوريشن جي چيئرمين کي ڦاهي ڏني ويندي”.

موراويا گذاري ويو. ورھيه وھامي ويا .وڻ اڄ به ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي” .

“واھ واھ! من! ڊسٽرڪٽ سيشن جج به ته اسان وٽ ھيومن رائٽس جو چيئرمين ھوندو آهي. تو ليکڪ ھوندي جج صاحب ڏي ڪونه لکيو؟”

منهنجو من اداس ٿي ويو. اکين ۾ آلاڻ اچي وئي. سڏڪن جي سانت ۾ ٻڌايومانس: “سائين! مون لکي موڪلي ھئي. جج تائين ڪونه پڳي. پڄيس ھا ته ڪو حڪم ضرور جاري ڪري ھا، پر ريڊر پڙهي ناظم کي گھرائي ڏيکاري چيو: ھي پڙھ! ھڪ چرئي اديب ڇا لکيو آهي. ھن کان چانھ پاڻي وٺي ريڊر درخواست ڦاڙي ذريون ذريون ڪري ميز ھيٺان رکيل ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏي. چانھ  پيئندي ٻنهي خبيثن ٽھڪ ڏنا ھئا.

بڙ جو وڻ وڍجي ويو .

شڪارپور جو ھڪ بزرگ شھري قتل ٿي ويو .

ان ڏينهن ارشاد شيخ سان گڏ رڳو بي گهر ٿي ويل پکي رنا ھئا.