| ڀٽائيءَ جي درگاهه به غيرمحفوظ، سيڪيورٽي انتظامن تي خدشا ظاهر |
ڀٽ شاھه(ن پ ا) درگاهه حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين درگاهه ڀٽائي جي سيڪيورٽي سميت انتظامن تي خدشا ظاهر ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو، سيد مصطفيٰ حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي سيڪيورٽي سميت سمورن انتظامن کي اڻ پورو قرار ڏنو، قائم مقام سجاده نشين جو چوڻ هو ته درگاھ جي داخلي گيٽن تي سيڪيورٽي جا انتظام بهتر نه آهن واڪ ٿرو گيٽن سميت چيڪنگ مشينري ڪم نه پيو ڪري، نفري جي تعداد تمام گهٽ ٿي چڪي آهي ليڊيز اهلڪارن سميت نفري کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، الله نه ڪري ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو ته انتظاميا ذميوار هوندي هن چيو ته مختلف درگاهن تي اڳ ۾ واقعا ٿي چڪا آهن سدائين دانهون ٿينديون رهيون آهن ته سيڪيورٽي جا اشو آهن حل ڪيا وڃن، مگر توجه نٿي ڏني وڃي، اهڙن حساس معاملن کي نظر انداز نه ڪيو وڃي، ڀٽائي سنڌ جو شهنشاهه آهي ان جي درگاھ تي بجلي نه هجي صفائي نه هجي ته شرم جهڙي ڳالهه آهي، هي هڪ روحاني درگاه آهي مگر انهي ليول تي صفائي نه آهي سيڪيورٽي نه آهي نه بجلي جو نظام بهتر آهي، تاريخي کوه جي ڄاري ٽٽي چڪي آهي،آر او پلانٽ غير فعال بڻيل آهي اوقاف کاتي سميت سنڌ حڪومت کي درگاه ڀٽائي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي، سيد مصطفيٰ حسين شاه جو چوڻ آهي ته درگاھ تي پراپر طور تي بهتر سيڪيورٽي جي ضرورت آهي، ان کان پهرين ته دير نه ٿي وڃي يا ڪو مسئلو ٿي وڃي ان کان اڳ ۾ معاملن تي ڌيان ڏنو وڃي، اڳ ۾ جيڪو سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو هو اهو هاڻي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، هن چيو ته اسان سدائين اپيل ڪندا رهيا آهيون ته خدا جي واسطي درگاهه جي سيڪيورٽي معاملن توڙي انتظامن کي نظر انداز نه ڪيو وڃي، سمورا انتظام مڪمل ڪري زائرين کي هر ممڪن تحفظ ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ سموري صورتحال جي ذميواري انتظاميه تي هوندي، ان موقعي تي دادلو فقير لسڪاڻي، عزيز ناپر ، نظير احمد لسڪاڻي ۽ ٻيا به موجود هئا.