| ڀٽائي جو اڄ 345 هون جشن ولادت، درگاهه کي سينگاريو ويو |
ڀٽ شاھه(ن پ ا) سنڌ جي سر موڙ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 345 هون جشن ولادت اڄ 22 ڊسمبر سومر پهرين رجب 22 ڊسمبر تي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، جشن ولادت جي سلسلي ۾ درگاهه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي رنگ برنگي ۽ جهالرن سان سينگاريو ويو آهي ، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙن ۽ عقيدتمندن پاران ڀٽ شاھ پھچي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ويندي، لاکيڻي لطيف جي مزار تي چادر چاڙهي درگاه جي احاطي ۾ 345 هين جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويندو، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ڪيڪ جي رسم ۾ ڀٽائي خاندان جا فرد، سياسي سماجي اڳواڻ، عقيدتمند ،مريد ۽ شاھ لطيف فائونديشن جا عهديدار وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته پير آف ڀٽ شاهه سيد گدا حسين شاه لطيفي طرفان الڳ درگاه تي پهچي جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويندو ۽ ثقافت کاتي پاران ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري ويندي، سياسي سماجي ڌرين طرفان به ريلين جي صورت ۾ شاھ لطيف جي مزار تي پهچي دعائون گهريون وينديون،