ڀٽائي جو عرس: ٻئي ڏينهن به ملهه جا مقابلا:400 کان وڌيڪ پهلوانن زور آزمائي ڪئي

ڀٽائي جو عرس: ٻئي ڏينهن به ملهه جا مقابلا:400 کان وڌيڪ پهلوانن زور آزمائي ڪئي

ڀٽ شاهه( اسپورٽس نيوز) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن روايتي ملاکڙي جا دلچسپ مقابلا، پاڪستان جي مختلف علائقن مان آيل 400 کان وڌيڪ ملهه پهلوانن جي شرڪت،ضلعي اسپورٽس کاتي مٽياري جي اهتمام هيٺ روايتي ملاکڙي جا شاندار مقابلا وڏي جوش ۽ جذبي سان جاري رهيا. مقابلن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان سميت پاڪستان جي مختلف علائقن مان آيل 400 کان وڌيڪ ملهه پهلوانن پنهنجي طاقت، مهارت ۽ روايتي ڪشتي جي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، جڏهن ته هزارين شوقين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مقابلن مان خوب لطف اندوز ٿيا.تقريب جي ميزباني ضلعي اسپورٽس آفيسر مٽياري جليل احمد هاليپوٽو ڪئي، جڏهن ته سيڪريٽري اسپورٽس سنڌ منور علي مهيسر خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس سنڌ اسد اسحاق، سيڪشن آفيسر علي ڏنو، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر مريم ڪيريو، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر ميرپورخاص واش ديو، رئيس عطا محمد هاليپوٽو سميت مختلف ضلعن جي اسپورٽس آفيسرن، معزز شخصيتن ۽ راندين جي شوقينن پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي سيڪريٽري اسپورٽس سنڌ منور علي مهيسر چيو ته ملاکڙو سنڌ جي صدين پراڻي ثقافت ۽ سڃاڻپ جو اهم حصو آهي، جنهن کي ڳوٺن مان ڪڍي قومي توڙي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين عرس مبارڪ دوران ملاکڙي جي مقابلن ۾ عوام جي غيرمعمولي دلچسپي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هي روايتي راند اڄ به سنڌ واسين جي دلين ۾ زندهه آهي.تقريب جي پڄاڻي تي مهمانن نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پهلوانن جي همت افزائي ڪئي ۽ ضلعي اسپورٽس کاتي مٽياري طرفان ڪيل بهترين انتظامن کي ساراهيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ جي ثقافت، روايتي راندين ۽ ملهه پهلوانن جي سرپرستي جو هي سلسلو مستقبل ۾ پڻ جاري رکيو ويندو.