ڀٽائي جو ميلو: اجلاس ۾ ڊي سي ۽ ايس پي نه اچڻ تي سجاده نشين ناراض

آگسٽ 23, 2023

ڀٽ شاهه (رپورٽر) شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 280 هين عرس جي حوالي سان انتظاميا جي روين تي درگاهه جي سجاده نشين ۽ ميلا ڪاميٽي جي چيئرمين ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي

ڀٽ شاھه ۾ لاکيڻي لطيف جي 280 هين عرس جي انتظامن بابت ٿيندڙ اجلاس ۾ ڊي سي مٽياري ۽ ايس ايس پي مٽياري شرڪت نه ڪئي

قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي ۽ ميلا ڪاميٽي جي چيئرمين سيد غلام رضا شاھ لطيفي جو چوڻ آهي ته ڀٽائي جو ميلو وڏو ايونٽ آهي، ڊي سي مٽياري ۽ ايس ايس پي مٽياري جي شرڪت لازمي آهي

هنن چيو ته اجلاس 2 مھينا اڳ ۾ ٿيندو آهي هن وقت ميلي ۾ هفتو بچيو آهي، انتظاميا ڪهڙا انتظام ڪندي، رڳو اجلاس ۾ ڳالهيون ڪيون ويون آهن، عملدار ميلي جي انتظامن ۾ دلچسپي نه پيا وٺن، لکين پانڌيئڙا ايندا، پريشاني ٿيندي

هنن جو چوڻ آهي ته مختلف کاتن جا عملدار بهانا بڻائي ميلي جي انتظامن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ميلي ۾ زائرين لاءِ ٿيندڙ انتظامن ۾ ڪا سستي ۽ نااهلي برداشت نه ڪئي ويندي

ٻئي پاسي ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھه ۾ ٿيل اجلاس ۾ ثقافت، اوقاف، صحت، پوليس ، رينجرز ، روينيو ، ايريگيشن ، ٽائون ،ميونسپل ۽ ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي هئي

اجلاس ۾ ميلي جا سمورا انتظام جلد مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته زائرين لاءِ تفريح، رهائش، کاڌي پيتي جا سمورا انتظام ڪيا ويندا

اجلاس ۾ درگاھ جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي ، ميلا ڪاميٽي جي چيئرمين سيد غلام رضا شاھ لطيفي به شرڪت ڪئي

شاھه لطيف جي عرس مبارڪ بابت اهم اجلاس ۾ ڊي سي مٽياري سيد جواد مظفر ۽ ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ شريڪ نه ٿيا

Leave A Comment