ڀٽائي جو 345 هون جشن ولادت، جيئي لطيف نعرن جي گونج

ڀٽائي جو 345 هون جشن ولادت، جيئي لطيف نعرن جي گونج

ڀٽ شاھه(ن پ ا) سنڌ جي سر موڙ شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جو 345 هون جشن ولادت ڪالهه پهرين رجب تي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ، جشن ولادت جي سلسلي ۾ درگاهه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي رنگ برنگي ۽ جهالرن سان سينگاري چراغان ڪئي وئي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين پانڌيئڙن ۽ عقيدتمندن پاران ڀٽ شاھ پھچي تقريب ۾ شرڪت ڪئي وئي ، جشن ولادت جي سلسلي ۾ درگاهه جي قائم مقام سجاده نشين سيد مصطفا حسين شاه لطيفي جي سربراهي ۾ لاکيڻي لطيف جي مزار تي چادر چاڙهي درگاهه جي احاطي ۾ 345 هين جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويو جيئي لطيف، ڀيڄ ڀٽائي جي نعرن جي گونج ۾ پانڌيئڙن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو ڪيڪ جي رسم ۾ مختلف درگاهن جا سجاده نشينن ، ڀٽائي خاندان جا فردن، سياسي سماجي اڳواڻن ، عقيدتمندن ،مريدن ۽ شاھ لطيف فائونديشن جي عهديدارن ۽ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پير آف ڀٽ شاهه سيد گدا حسين شاه لطيفي طرفان الڳ درگاه تي پهچي جشن ولادت جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ ثقافت کاتي جي عملدارن سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين طرفان به ريلين جي صورت ۾ شاھ لطيف جي مزار تي پهچي چادر چاڙهي دعائون گهريون ويون ، حڪومتي سطح تي ڪا به تقريب منعقد ڪئي وئي، درگاهه جي سجاده نشين سيد وقار حسين شاھ لطيفي آمريڪا مان ٽيليفون ذريعي خطاب ڪندي مريدن لاءِ دعا ڪئي.