ڀٽائي جي مزار کي ڪاري چادر سان ڍڪي سوڳوار ڪيو ويو

جُولاءِ 20, 2023

ڀٽ شاهه (ن پ ا)  ڀٽ شاھ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد تازا ڪندي ڀٽائي جي مزار کي ڪاري چادر سان ڍڪي سوڳوار ڪيو ويو آهي

 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس بر آمد ڪري ڀٽائي جي مزار تي ڪاري چادر چاڙهي وئي درگاھ جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه ، سيد پيرل شاھ ، سيد گداحسين شاهه ، سيد فقير علي شاهه ، سيد فدا حسين شاهه ۽ سيد احسن عباس شاهه جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ ماتمي جلوس بر آمد ڪري

 يا حسين يا حسين جون صدائون بلند ڪيون ويون،انجمن غلامان اهلبيت ۽ انجمن شيعان حيدر قرار خندق ڪاميٽي پاران قافلا برآمد ڪري درگاهه جي صحن ۾ سينا زني ۽ نوحه خواني ڪئي وئي ۽ هر طرف يا حسين جون صدائون گونجڻ شروع ٿي ويون آهن

 درگاھ چاڙھي ۽ درگاھ جي صحن ۾ 2 الڳ الڳ مجلس عزا به برپا ڪيون ويون آهن جڏهن ته مختلف هنڌن تي ڪربلا جي پياسن جي ياد سبيلن جو اهتمام به ڪيو ويو آهي

Leave A Comment