| ڀٽائي ٻڌايو ته وطن کان مٿي ڪجهه ناهي، سنڌ کي للڪارون آهن، لطيف جو پيغام پکيڙڻو پوندو: ساڃاهه وند |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي اديبن ۽ ساڃاهه وند ڌرين شاھ لطيف کي سنڌ جي روايتن، قدرن، امن ۽ ڀائيچاري جو شاعر قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده للڪارن جي دور ۾ سنڌ جي روايتن، قدرن ۽ پنهنجي ٻولي کي بچائڻ ۽ ڦھلائڻ لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي ٻارن لاءِ شاھ لطيف جا ميلا منعقد ڪرايا وڃن ته جيئن نئين نسل کي لطيف شناسائي جو پيغام ڏئي سگهجي. انهن اهڙو اظهار سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران منعقد ڪرايل ٻارن لاءِ ٽئين شاھ لطيف ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ويو. افتتاحي تقريب جي صدارت ڪندي اڳوڻي سينيٽر سسسئي پليجي چيو ته ” لطيف دنيا جو عظيم ۽ آفاقي شاعر آهي، هن لاءِ سنڌ ئي مقدس آهي هن سنڌ جي ماڻهن، سنڌ جي مٽي، سنڌ جي روايتن ۽ قدرن جي ڳالھ پنهنجي شاعري ۾ ڪري انهن کي امر ڪيو. هاڻ هن دور ۾ جڏهن سامهون للڪارون آهن ته اهڙي وقت ۾ لطيف جي پيغام کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هن قسم جي ميلا منعقد ڪرڻ شاندار روايت آهي. هن چيو ته لطيف جو فلسفو ۽ سندس پيغام اسان لاء وڏو مورچو ۽ هٿيار آهن، پنهنجي اسڪولن کي انتها پسندي کان بچائڻ آهي ان لاءِ لطيف جو پيغام جيڪو امن، انسانيت ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي اهو ڦھلايون ڇو ته سنڌ مان ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي جي ڪا گنجائش ناهي. هن چيو ته سنڌ ماضي ۾ آزاد وطن رهيو آهي ٻيو دشمن ملڪ ان طرف ميري اک کڻي ڏسي ٿو ته ان وقت لطيف جي شاعري وسيلي دشمن کي چماٽ هڻي سگهون ٿا، اسان لطيف جي فلسفي تي ايڪي ۽ ٻڌي سان هلون ته ڪنهن کي سنڌ جي مٽي ڏانهن ميري اک کڻڻ جي جرئت نه ٿيندي” سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته لطيف سرڪار نئين روايت جو ماڻهو، وهڪري جي ابتڙ هلندڙ، نئين قدرن ۽ روايتن کي جنم ڏيندڙ ماڻهو هو اڄ جي ٻار کي ساڻس ملائڻ جو مقصد ٻار کي پنهنجي بنياد سان ملايون ٿا، پنهنجي مٽي سان جُڙڻ جو پيغام لطيف ڏنو آهي ۽ لطيف ئي ٻڌايو آهي ته وطن کان وڌيڪ ڪا شئي ناهي ٿيندي اڄ سندس وطن سان محبت واري ڳالھ کي نئين نسل ڏانهن وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌو جي ڪناري تي چار ويد لکيا ويا آهن اگر پنجين ويد جو اضافو ڪريون ته اهو لطيف جو رسالو آهي، واحد در لطيف جو جنهن کي شيعو به پنهنجو سمجهي ٿو ته سُني به پنهنجو ڪري ٿو جتي وقت جي سرڪار به ويندي آهي ته مخالف ڌر وارو به ويندو آهي، هن اسان کي هٿيار کڻڻ ناهي سيکاريو، سندس پيغام م امن ۽ انسانيت آهي ته اهو ئي پيغام نئين نسل ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ ٻارن لاءِ شاھ لطيف جو ميلو منعقد ڪرايون پيا. ” قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته” اڄ جا ٻار اهي ذرا آهن جن مان معاشرا ٺهڻا آهن ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي تعليم کاتي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ ادارن ۾ سڀ کان وڌيڪ پروگرام ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ ڪرڻ گهرجن، ان سان ئي لطيف جي امن، محبت، انسانيت جي فلسفو ايندڙ نسل طرف منتقل ٿيندو. هن چيو ته اسان کي سمورين ٻولين سان پيار آهي پر اسان جي ٻولي سڀني کان وڌيڪ آهي جنهن ۾ دنيا جي عظيم شاعر لطيف نه فقط انسانن تي لکيو پر هن جانورن، وڻن، پکين ۽ وطن جي ماڻهن تي لکيو.
| مصنوعي شيون اچي ويون آهن، روايتون خطري ۾آهن: فياض لطيف |
حيدرآباد: انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته “اسان وٽ مصنوعي شيون اچي ويون آهن جن جو پنهنجي روايتن سان ڪو واسطو ناهي ان ڪري پنهنجي ورثي کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ لاءِ ٻارن کي لطيف سان ملائڻ گهرجي ان لاءِ هن قسم جون سرگرميون ٿيڻ ڀرپور نموني ٿيڻ گهرجن.” ناليواري محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته” لطيف هر نسل ۽ هر عمر جو شاعر آهي، گهٽي ۾ پنندڙ پينو فقير جي زبان تي به لطيف ملندو ته پورهيت کي به لطيف ياد هوندو. لطيف همت ڏيندڙ ۽ اتساهيندڙ شاعر آهي جنهن مورڙي کي پنهنجو هيرو بڻايو ان پيغام ۽ فلسفي کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو ذريعو هن کان وڌيڪ ٻيو نٿو ٿي سگهي. ناليواري شاعر علي آڪاش چيو ته لطيف وٽ محبت آهي هن وٽ مذهبي تنگ نظري ناهي، هن همت جو جذبو ڏنو آهي ان جذبي کي پنهنجي ٻارن تائين پهچايون ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي ڪو خطرو ناهي”.
ميلي ۾ بيت بازي جا مقابلا، فنڪار جانب سومري ۽ ٻين سر وکيريا
حيدرآباد: ٻارن لاءِ شاھ لطيف جو ميلو ۾ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٻارن ٽيبلو ، بيت بازي جي مقابلي جي سرگرمين ۾ حصو ورتو، بيت ۽ ٻالڪ سر منڊل(موسيقي) پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ ٻالڪ فنڪارن جانب سومري، راحت بڙدي، مهرالنساء، حليمان چانڊيو ۽ ٻين ٻارن گيت ٻڌايا جڏهن ته مختلف اسڪولن جي ٻارن ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. ٻارن لاءِ شاھ لطيف جو ميلو اڄ به جاري رهندو.