ڀٽ شاهه جي چيئرمين جي چونڊ: پ پ ۽ مخدومن لاءِ امتحان

مَي 23, 2023

ڀٽ شاهه ( ن پ ا) ڀٽ شاهه ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين لاءِ پ پ قيادت ۽ مخدوم خاندان فيصلو نه ڪري سگهيا

 پ پ قيادت توڙي مخدوم خاندان ڀٽ شاهه جي ٽائون چيئرمين جي معاملي تي ٻڏتر جو شڪار هجڻ ڪري فيصلو ناهن ڪري سگهيا

ٻڌايو پيو وڃي ته درگاھ ڀٽائي جو قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه ٽائون چيئرمين لاء مضبوط اميدوار آهي ان کانسواءِ پير آف ڀٽ شاھ سيد احسن عباس شاهه لطيفي به ٽائون چيئرمين جو خواهشمند آهي

وائيس چيئرمين لاءِ به پيپلزپارٽي طرفان سيد رضا رضوي، محمد عثمان راجپوت ۽ محمد سومار وفا جا نالا وائيس چيئرميني لاءِ سامهون آيا آهن

ڀٽ شاھ ٽائون ڪميٽي جي ٽوٽل 7 وارڊن مان 5 ميمبر پيپلزپارٽي ۽ 2  آزاد طور ڪامياب ٿيا هئا

لاڳاپيل پوسٽون

  • سجاول جوڻيجو ڀرسان 2 ناريون مبينا اغوا

  • مهانگائي چارسيڪڙو کان به گهٽ آهي: خواجه آصف

  • ڪوٽ غلام محمد: ناري ۽ نوجوان پاران مبينا آپگهات

  • راڻيپور لڳ جهيڙو ، 2 ڄڻا قتل