| ڀٽ شاهه ڀرسان سگھڙ ڪچهري، سگهڙن واهه واهه ڪرائي ڇڏي |
ڀٽ شاھه(ن پ ا) ڀٽ شاھه ويجھو ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ صوفي فائونڊيشن پاران لطيف جي پارکو فقير علي ڏنو خان نظاماڻي ۽ لطيف جي راڳي فقير شير محمد حاجن نظاماڻي جي ميزباني ھيٺ ماھوار سگھڙ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ناليوارن سگھڙن، اديبن، شاعرن ۽ سياسي سماجي شخصيتن علي نواز خان پتافي، سگهڙ گهرام جتوئي، محمد حسن چهواڻ، مهيار لغاري، منٺار ٻگهيو، اميد علي جتوئي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سگھڙ ڪچهري ۾ سگھڙن ڏور بيت وايون سينگار پيش ڪيا جڏهن ته صوفي راڳين سارنگ حيدري، آچر فقير سولنگي، فقير مسڪين علي کوکر صوفي ڪلام پيش ڪري سگھڙ ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي صوفي فائونڊيشن جي مرڪزي چيئرمين ۽ لطيف جي پارکو فقير علي ڏنو خان نظاماڻي چيو ته اوطاقي ۽ سگھڙ ڪچھريون اسان جي سنڌ جي ثقافت آھن. اھڙين ڪچھرين سان ماڻھن کي ذھني. دلي ۽ روحاني سڪون ملي ٿو ۽ اسان جي ثقافت به زنده رھي ٿي. ھن چيو ته سنڌ جي باشعور ماڻھن کي گھرجي ته پنھنجي پنھنجي ڳوٺن ۾ اھڙيون سگھڙ ڪچھريون ڪري سنڌ جي ثقافت کي زنده رکڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. سگھڙ ڪچهري ۾ روشن علي ٿيٻو، سيد پير امان علي راشدي، ميهر علي لغاري، پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليمان ميمڻ، منور علي موروجو. نديم مڱريو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.